خيبر پختونخواهه جي 3 علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڌار ڌار آپريشنز دوران 23 دهشتگرد مارجي ويا، 5 جوان به شهيد

مَي 27, 2024

خيبر پختونخواهه جي 3 علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڌار ڌار آپريشنز دوران 23 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائيندي سيڪيورٽي فورسز جا 5 جوان به شهيد، آءِ ايس پي آر موجب 26 مئي تي پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا، ڪيپٽن حسن جهانگير ۽ حوالدار شفيق الله دهشتگردن سان ويڙهه دوران شهادت ماڻي، 27 مئي تي ٽانڪ ۾ ڪارروائي دوران 10 دهشتگرد مارجي ويا، سيڪيورٽي فورسز پاران ٽئين ڪارروائي خيبر جي علائقي باغ ۾ ڪئي وئي، ان ڪارروائي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا، سيڪيورٽي فورسز جا 5 جوان به شهيد ٿيا، شهيدن ۾ نائڪ اشفاق بٽ، لانس نائڪ سيد دانش افڪار، سپاهي تيمور ملڪ، نادر صغير ۽ محمد ياسين شامل، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا بارود ۽ ٻيو ڌماڪيدار مواد هٿ، مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين خلاف دهشتگرديءَ جي ڪارروائين ۾ ملوث هئا

Leave A Comment