اغوا بعد بازياب ٿيل معصوم نينگر اياز پٺاڻ ڪٽنب سوڌو سنڌ ڇڏي ويو

مَي 13, 2024

ڪنڌڪوٽ مان ڌاڙيلن هٿان اغوا بعد بازياب ٿيل معصوم نينگر اياز پٺاڻ ڪٽنب سوڌو سنڌ ڇڏي ويو، اياز پٺاڻ جو والد نور پٺاڻ اڳ ئي سنڌ ڇڏڻ جو اعلان ڪري چڪو هو، نور پٺاڻ ۽ ٻين ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو هو ته هاڻي سنڌ ۾ رهڻ تي دل نه ٿي چوي، اياز پٺاڻ جي خاندان سوڌو ڪوئيٽا روانگي تي ڪنڌڪوٽ جا شهري اداس ٿي ويا، شهرين ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اياز پٺاڻ جو خاندان سنڌ ۾ 35 سالن کان ترسيل هو، نور پٺاڻ ڪنڌڪوٽ ۾ ڪپڙي جو دوڪان هلائيندو هو، شهرين چيو ته ڌاڙيلن جي ڪڌي ڪم جي ڪري اڄ هڪ خاندان سنڌ مان لڏي ويو

Leave A Comment