خيبرپختونخوا جي ضلعي ٽانڪ مان اغوا ٿيل سيشن جج شاڪر الله بازياب
اپريل 29, 2024
خيبرپختونخوا جي ضلعي ٽانڪ مان اغوا ٿيل سيشن جج شاڪر الله بازياب، پوليس موجب سيشن جج شاڪر الله کي ڊي آءِ خان مان بازياب ڪرائي باحفاظت گهر پهچايو ويو، سيشن جج کي 2 ڏينهن اڳ هٿياربندن اغوا ڪيو هو، خيبرپختونخوا جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر سيف تصديق ڪندي چيو آهي ته سيشن جج شاڪر الله کي گذريل رات دير سان بازياب ڪرايو ويو، جنهن بعد کيس گهر منتقل ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ جاري ڪيل هڪ وڊيو بيان ۾ جج شاڪر الله مروت جو چوڻ هو ته طالبان مون کي ڊي آءِ خان ٽانڪ روڊ تان هڪ جهنگ ۾ وٺي آيا آهن، اغوا ڪندڙن جا ڪجهه مطالبا آهن، سندن مطالبا پورا ٿيڻ تائين منهنجي بازيابي ممڪن ناهي