پنوعاقل شهر ۾ گهر اندر گهڙي اغوا ڪيل ٻارڙو محمد حسين آرائين بازياب

مَي 21, 2024

پنوعاقل شهر ۾ گهر اندر گهڙي اغوا ڪيل ٻارڙو محمد حسين آرائين بازياب، ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي امجد شيخ بازياب ڪرايل ٻارڙي کي پنوعاقل پهچي وارثن حوالي ڪيو، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه چيو ته ڏنڊو استعمال ڪرڻ سان ٻار بازياب ٿيو، ٻار جي پهري لاءِ مقرر 2 عورتون گرفتار ٿيڻ بعد ٻار جي بازيابي عمل ۾ آئي، ايس ايس پي امجد شيخ چيو ته ڪچي جي رضا ڳوٺ ۾ ٻار کي رکيو ويو هو، واقعي ۾ عجيب مهر جي گينگ ۽ ڪجهه جتوئي ڌاڙيل ملوث آهن، ٻار جي بازيابيءَ لاءِ ڌاڙيلن 2 ڪروڙ ڀنگ گهريو هو، ٻار تي پهرو ڏيندڙ عورتن جي گرفتاري بعد ڌاڙيل ٻار کي آزاد ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيا، عجيب مهر گينگ ۽ جتوئي ڌاڙيلن جو جلد انت آڻينداسين

ٽائيم نيوز بڻيو پنوعاقل مان اغوا ٿيل ٻارڙي جي وارثن ۽ سنڌ واسين جو آواز

ٽائيم نيوز بڻيو پنوعاقل مان اغوا ٿيل ٻارڙي جي وارثن ۽ سنڌ واسين جو آواز، معصوم ٻار محمد حسين آرائين جي گهر مان اغوا کان بازيابيءَ تائين ٽائيم نيوز جي ڀرپور ڪوريج جو بازياب ڪرايل ٻارڙي جي وارثن پاران به اعتراف، محمد حسين آرائين جي والد اڪرم آرائين چيو ته ٽائيم نيوز جا ٿورائتا آهيون جنهن اسان جو آواز واڳ ڌڻين تائين پهچايو

Leave A Comment