سنڌ ۾ اغوا وارداتون ۽ صحافين جو قتل: رينجرز کان رپورٽ طلب: آپريشن جاري آهي: گهرو وزير

جُولاءِ 12, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي گهرو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ ۾ اغوائن جي صورتحال ، بلوچستان ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي ظاهر، چيني شهرين جي سيڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني وئي تفصيل موجب سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس فيصل سليم رحمان جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. ڪاميٽي ايف سي کان ڪي پي ڪي مان سينيٽر هدايت الله تي ٿيندڙ دهشتگردي حملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. گهرو سيڪريٽري چائنيز جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ڏيندي چيو ته ديا مير ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم جي هيليڪاپٽر ذريعي نگراني ڪئي ويندي آهي ۽ چائنلز جي چر پر جي لاءِ بلٽ پروف گاڏيون استعمال ڪيون وينديون آهن. سينيٽر عمر فاروق چيو ته عام شهرين جي زندگي جو تحفظ حڪومت جي اولين ذميواري هجڻ گهرجي نه ڪي غير ملڪين جي، بلوچستان ۾ هزارين ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، پر حڪومت ان طرف ڪو قدم نٿي کڻي، سينيٽر عرفان صديقي چيو ته چيني سياح ناهن ۽ نه ئي صرف پارٽ ٽائيم وزيٽر آهن، اهي اسان جي معيشت، قومي سلامتي، ترقي ۽ خوشحاليءَ جو به اهم ڪردار آهن.

بلوچستان جي سينيٽر نسيمه احسان ڪاميٽي کي پنهنجي ۽ پنهجي خاندان جي زندگين کي درپيش خطري کان آگاهه ڪندي چيو ته مهنجي گهر تي حملو ٿيو آهي، منهنجا ٻار ڪيڏانهن نٿا وڃي سگهن. اسان جي سيڪيورٽي تي مقرر عملدار به چون ٿا ته اوهان ٽي وڳي تائين سفر ڪريو ان کانپوءِ سفر کان پاسو ڪريو. مون آءِ جي پوليس کي ڪال ڪئي اهو مليو به ناهي، ان جون ميٽنگس آهن. سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته اسان  پنهنجي سيڪيورٽي تي ڳالهائڻ شروع ٿي ويا آهيون ته پاڪستان جي سڪيورٽي جو ڇا ڪنداسين؟ ڊاڪٽر اجمل ساوند قتل ٿيو، هڪ پوليس وارو جوابدار هيو اهو گرفتار نه ٿيو. شهيد جان محمد مهر کي قتل ڪيو ويو هن وقت تائين قاتل گرفتار ناهن ٿيا. گهٽ ۾ گهٽ صحافي جي قاتلن کي ته گرفتار ڪيو وڃي. ٽن صحافين جا قاتل ٽن سالن ۾ گرفتار ناهن ٿيا. سينيٽر سيف الله ابڙو سنڌ جي شهرين جي تحفظ جي حوالي سان کنيل قدمن جي حوالي سان سنڌ رينجرز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. سينيٽر ثمينه ممتاز چيو ته آءِ جي سنڌ مئي جي خط جو جواب جولاءِ ۾ ڏنو. سي ڊي اي جي بازار ۾ پنج سو ماڻهن کي نقصان ٿي ويو. سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اسان کي ٻڌايو ويو ته پنج هزار طالبان کي آندو ويو.  ڪجهه کي واپس نه موڪليو ويو، ٻڌايو وڃي ته ڪيترا طالبان آنداويا ۽ ڪيترا واپس ويا. دهشتگردي جا واقعا روزانو جي بنياد تي ٿي رهيا آهن. آپريشن عزم استحڪام جي باري ۾ ٻڌايو وڃي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته امن امان جي صورتحال قائم رکڻ صوبن جي ذميواري آهي، ٻيا ادارا ويندا ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪري واپس اچي ويندا پر امن صوبن جي ذميواري آهي. اسان بلوچستان ۾ ڪميٽي جي ميٽنگ رکون ٿا. ايف سي بارڊر سيڪيورٽي ۽ ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪندي آهي. صحافين کي قتل واري معاملي تي اختيارين سان ڳالهايان ٿو.سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته ڪشمور مان 12 ماڻهو گذريل مهيني اغوا ٿيا آهن، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پنجاب ۽ سنڌ ٻنهي صوبن جي ڪچي ۾ آپريشن ڪري رهيا آهيون. سنڌ جي ڪچي ۾ سنڌ حڪومت آپريشن جي اڳواڻي ڪري رهي آهي. اسان پوليس کي رينجرز جي سپورٽ فراهم ڪري رهيا آهيون. مين سپر هاءِ وي کي اسان محفوظ ڪري ورتو آهي. صدر آصف علي زرداري سکر ويو هو، ان دوران فيصلو ڪيو ويو ته لوڪل پوليس وارن کي ڊويزن مان ڪڍيو ويندو، دهشتگردي بابت گهرو وزير چيو ته هي اهي ئي ماڻهو آهن حڪومت پاڪستان جو طالبان سان معاهدو ٿيو. اسان انهن کي جيلن مان ڪڍيو. اسان سوچي رهيا هئاسين ته سٺي طريقي سان رهندا. پر انهن سٺو ورتاءُ نه ڪيو ۽ ان بعد هو 20، 20، 30، 30 ماڻهو گڏ ٿي ويا. تحريڪ طالبان پاڪستان جي دهشتگردن کي اسان آزاد ڪيو، آپريشن عزم استحڪام اڃا شروع ناهي ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي اسلام آباد ۾ واقع نادرا، ايف آءِ اي، سي ڊي اي متعلق بريفنگ ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave A Comment