قاسم آباد ۾ قتل ڪيل شاگردياڻي يُسريٰ بتول، زخمي ڀاءُ ۽ قتل ڪندڙ جوابدار جا موبائيل فون گم ٿيڻ جو انڪشاف
مارچ 9, 2024
قاسم آباد ۾ قتل ڪيل شاگردياڻي يُسريٰ بتول، سندس زخمي ڀاءُ ۽ قتل بعد آپگهات ڪندڙ جوابدار جا موبائيل فون گم ٿيڻ جو انڪشاف، نسيم نگر پوليس واقعي واري هنڌ تان هڪ شهري پاران جوابدار ارشاد کوکر جي موبائيل فون کڻڻ واري وڊيو سامهون اچڻ بعد جاچ شروع ڪري ڏني، ذريعن موجب جوابدار ارشاد کوکر پاران يسريٰ بتول ۽ سندس ڀاءُ آڪاش تي فائرنگ ۽ آپگهات واري واقعي بعد ٽنهي ڄڻن جا موبائيل فون پراسرار طور گم آهن، اي ايس پي بلديا راڻا دلاور جو چوڻ آهي ته آپگهات ڪندڙ جوابدار ارشاد کوکر جي موبائيل فون گم آهي، اي ايس پي شاگردياڻي يسريٰ ۽ سندس ڀاءُ جي موبائيل فون گم ٿيڻ جي تصديق نه ڪئي، اي ايس پي چيو ته سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز جي مدد سان جوابدار جي فون گم ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، شاگردياڻي جا وارث نسيم نگر ٿاڻي تي اڃا نه پهتا آهن، وارثن جي نه اچڻ سبب اڃا واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي