کيرٿر جي جابلو سلسلن مان گاج، سول، اگئي، نلي نيون وهي آيون، لنگهه بند

سيپٽمبر 2, 2024

دادو (رپورٽر) کير ٿر جي جابلو سلسلن ۾ برسات جي وسڪارن کانپوءِ نئين گاج ، سول ، اگئي ، نلي ۽ ٻيون نيون وهي اچڻ کانپوء ڪاڇي جي 7 يونين ڪائونسل ٽنڊو رحيم خان ، شاھ حسڻ ، ڇني ، واهي پانڌي ، حاجي خان ، ڊرگھ ، ساوڙو جي سوين ننڍن ، وڏن شهرن ۽ ڳوٺن جا 3 ڏينهن کان ڪٽيل روڊ ، رستا ۽ لنگھ بحال نه ٿي سگهيا آهن ، جنهن سبب ڪاڇي جي سوين ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن جو تعلقه هيڊ ڪواٽر جوهي ۽ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪواٽر دادو سان زميني رابطو ڪٽيل آهي، ڳوٺ راضي خان رودناڻي ، چتون خان رودناڻي ، سونا خان سميت 22 کان وڌيڪ نين جي پاڻي جي گهيري ۾ آيل آهن ، ڪاڇي جي سوين ننڍن وڏن شهرن جا 3 ڏينهن کان روڊ ، رستا بند هئڻ ڪري هزارين ماڻهون شديد مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ، روز مرھ جي شين جي خريداري لاء ڪاڇي واسي مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، رهواسي ڪيترائي ڪلوميٽر پاڻي جهاڳي جوهي پهچڻ تي مجبور بڻيل آهن، ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين دانهيو آهي ته برساتن پوڻ ۽ نيون وهي اچڻ ڪري ڪنڊو ٻٻر، شهڪ رودناڻي، گاجي شاھ، فتو بروهي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڊائريا پکڙجي وئي آهي، معصوم ٻار ۽ پيرسن عورتون، مرد مبتلا ٿي ويا آهن، پر صحت کاتي جون ٽيمون وٽن ناهن پهچي سگهيون، جنهن سبب رهواسي شديد تڪليفن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، وسيلا ۽ فنڊز ۽ سهولتون موجود هئڻ باوجود دادو انتظاميا توڙي صحت کاتي جون ٽيمون ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ ناهن پهچي سگهيون، جنهن سبب ڪاڇي جا هزارين رهواسي ٽي ڏينهن کان بي يارو مددگار بڻيل آهن.

Leave A Comment