سڪرنڊ ۾ ھوٽل سگھڙن جي ڪچهري جو مرڪز بڻيل، ڳجهارتن ۽ ڏور بيتن جا مقابلا

آگسٽ 2, 2024

سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ شھر جو هڪ ھوٽل سگھڙن جي ڪچهرين جو مرڪز  بڻيل، روزانو سگهڙ اچي پاڻ ۾ هنر ونڊين ٿا، خبر موجب سڪرنڊ شهر  ۾ هڪ هوٽل تي سگهڙن جون ڪچھريون قائم آهن، سگھڙن ھوٽل کي ڪچھري جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي، 1980 ۾ ھوٽل کليو، جنھن بعد سڪرنڊ شھر جي آس پاس جي سگھڙن اچي ديرا ڄمايا، بعد ۾ سنڌ جي مختلف علائقن کان سگھڙ اچڻ لڳا، جن ھوٽل تي پھچي ڪچھري ۾ شموليت ڪئي، اھا روايت 44 ورھين کان جاري آهي، هوٽل تي سگهڙن جي ميلاپ ۾ سگھڙ جا ڳجھارتن، ڏور بيت ڀڃڻ جا مقابلا پڻ ٿين ٿا، اڪثر سڪرنڊ شھر ۽ آس پاس جا ماڻھو ھوٽل تي پھچي سگھڙن جون ڪچھريون ٻڌن ٿا، ھوٽل مالڪ پڻ سگھڙن جي ڪچھري ۾ مشغول ٿي وڃي ٿو، جيڪو سگهڙن کي خوشي سان ڪلاڪن ڪلاڪ ويھڻ ڏئي ٿو، جڏھن ته سگھڙن جو ڪنھن کي اگر  پروگرام ڪرائڻو ھوندو آهي ته اهو ڄاڻايل ھوٽل تي اچي سگھڙن سان ملندو آهي، اڪثر سگھڙ پنھنجا ڪم ڪار لاھي منجھند جو 12 وڳي ايندا آھن، جيڪي چانھه جي ڪپ تي شام تائين ويٺا هوندا آهن، جڏھن ته سڪرنڊ جي لطيف پارڪ ۾ ھر 15هين ڏينهن سگھڙ پھچي ڪچھري ڪندا آھن، جنھن ۾ شھري ۽ ڳوٺاڻا وڏي انگ ۾ شريڪ ٿين ٿا.

هن ھوٽل تي ڪچھري ۾ ايندڙ ڪيترائي سگھڙ وڇڙي ويا: عيسيٰ رند

سڪرنڊ: سگھڙن علينواز رند، حسين بخش چانڊيو، محمد عيسيٰ رند، سرورکيڙو ۽ ٻين چيو ته سڪرنڊ ڀرسان سنڌو درياهه جي ڪناري ٻيلا آباد ھوندا ھئا ته پار مان ڪافي ماڻھون پتڻ زريعي ھن ھوٽل تي اچي ڪچھري ۾ شامل ٿيندا ھئا، جنھن ۾ اڪثر مال جا واپاري ۽ خفتي شامل هوندا هئا، هنن چيو ته 1980 کان وٺي ھي ھوٽل ڪچھري جو مرڪز بڻيل آهي، کوڙ سارا ناليوارا سگھڙ اسان کان وڇڙي به ويا آھن ۽ وري نوان نوجوان سگھڙ ھن ڪچھري ۾ شامل ٿي ويا آھن، ھتي اتر ۽ لاڙ جا سگھڙ اچي ڏوربيتن، ڳجھارتن ۽ بيتن جا مقابلا ڪن ٿا، ھنن ٻڌايو ته اسان اڪثر ويٺي ئي ڳجھارت ٺاھي وٺندا آھيون، جنھن کي ڏٺ چوندا آھيون، اڳ ڏور سوا لک نبين ۽ پيغمبرن تي ٺاھيو ويندو ھو، جنھن کي سگھڙ کي ڳولڻ لاءِ عقل ۽ مھارت جي ضرورت ھوندي ھئي، جنھن بعد ڀڃڻ ۾ آساني لاءِ  ڏور محدود ڪيو ويو، ھاڻ ڏور پنجتن پاڪ جي روايتن ۽ حديثن تي ٻڌو وڃي ٿو ته جيئن سگھڙ کي ڏور ڀڃڻ ۾ آساني ٿئي.

1980 ۾ ھوٽل کوليو، سگھڙ روزانو ڪچھري ڪن ٿا: هوٽل مالڪ

سڪرنڊ: ھوٽل مالڪ جھانگير ۽ سندس پٽ عمران راجپوت چيو ته جيئن مون 1980 ۾ ھوٽل کوليو ته ڪجھه وقت کان پوءِ سگھڙ اچي ڪچھري ڪندا ھئا ۽ اھو سلسلو اڄ تائين جاري آھي، ھنن جي ڪري مون کي پڻ روزي ملي ٿي، ڪچھري ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سگهڙ اچي ڪچھري ۾ شامل ٿين ٿا، هنن چيو ته سگھڙ اسان جو سرمايو آھن ۽ سڄو ڏينھن ڪچهري لڳي پئي آھي، جيستائين ھي نٿا اچن ته اسان کي به مزو نٿو اچي.

سنڌ ۾ سگھڙن جون ڪچھريون گھٽجي ويون آھن: منٺار ٻگهيو

سڪرنڊ: سگھڙ منٺار ٻگھيو ٻڌايو ته سنڌ ۾ ھاڻي سگھڙن جون ڪچھريون گھٽجي ويون آھن ڇو ته نوجوان طبقو ڏور، ڳجھارتن ۽ بيتن کان پري ٿيندو پيو وڃي، جنهن ڪري سگھڙن جون ڪچھريون گھٽ ٿينديون پيون وڃن، هن چيو ته سگھڙ سنڌي ڪلچر ۽ ٻولي جا رکوالا آھن پر ثقافت کاتو ۽ سنڌ حڪومت پاران قدر نه پيو ڪيو وڃي، جڏھن ته پنجاب جي ڳائڻن کي گھرائي لکين روپيا ڏنا وڃن ٿا.

سگهڙن جون اڪثر ڪچھريون سياري جي مند ۾ ٿين ٿيون

سڪرنڊ: سگهڙن جون اڪثر ڪچھريون سياري جي مند ۾ ٿينديون آھن، جنھن ۾ سنڌ جون وڏي ۾ وڏيون ڪچھريون منڍ جمڙائو، سن ڀرسان ڪلري گائنچن ۾ 14 ذوالحج تي نواب ولي محمد ۾ سگھڙ گل بيگ جي ياد ۾، سيوھڻ ۽ ڀٽ شاهه ميلي تي ٿين ٿيون، جڏهن ته ھالا شھر  ۾ پڻ فقير حاجن نظاماڻي وٽ وڏي ڪچھري منعقد ٿيندي آهي.

Leave A Comment