ڪلوئي تعلقي ۾ برسات جي مند ايندي ئي بااثرن جا چراگاهن تي قبضا، پوک شروع
جُولاءِ 19, 2024
ڪلوئي (ن پ ا)ڪلوئي تعلقي ۾ وسڪاري جي مند ايندي ئي بااثرن چوپائي مال جي چراگاهن تي قبضا ڪري ٿر جون ڀٽون کيڙي پوک شروع ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ ڪلوئي تعلقي جي مختلف ڳوٺن ھميرياٻهه، علي محمد ساهڙ، پيرج آباد، تل ساهڙ، ڊاڀو سميجا، سپڙاڻي سومرا، سميت ٻين سوين ڳوٺن جي آس پاس مال جي چاري لاءِ سرڪاري طور ڇڏيل زمينن تي قبضاگير مافيا گوچرن تي غيرقانوني قبضا ڪري اتي بيٺل ناياب قسمن جي وڻن ڄار، ڪنڊي، ڪونڀٽ، روهيڙو، ٿوهر سميت ٻين وڻن کي وڍڻ جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر پاران مال جي چراگاهن ۽ وڻن جي واڍي تي اڳ ۾ ئي قلم 144 لاڳو ٿيل آهي پر بااثر ماڻهن 144 جي ڀڃڪڙي ڪري روينيو رڪارڊ ۾ موجود ٻنين جي ماپن جي ابتڙ وڻ وڍي بااثر قبضا مافيائن ٻنيون ٺاهي ڇڏيون، ان ڏس ۾ علائقي واسين روزاني پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڪلوئي تعلقي جي يوسي گرڙاٻهه، کيتلاري، سارهوڙ ۽ ڪلوئي يوسي جي ننڍن وڏن ڳوٺن جي آس پاس بااثرن چوپائي مال جي چراگاهن تي قبضا ڪري ڇڏيا آهن گوچر کيڙي پوکڻ سبب مالوند ماڻهو سخت پريشانين ۾ ورتل آهن. هنن چيو ته روينيو کاتي جي لاپرواهي ۽ عدم دلچسپي سبب جهيڙا روز جو معمول بڻيل آهن جنهن جي ڪري ماضي ۾ به ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن . هنن ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته ٿر ۾ چوپائي مال جي لنگهن ۽ چراگاهن، غير قانوني وڌايل ٻنين تي بااثر ماڻهن پاران ڪيل قبضن جو نوٽيس وٺي قبضا گيرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.