علم جي قتل جو راڄوڻي نبيرو: اجمل ساوند جا وارث ٺاهه لاءِ راضي، سسٽم جو حصو آهيون، ڇا ڪريون؟ ڀاءُ پاران بيوسي ظاهر
جُون 20, 2024
سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) ساوند سندراڻي تڪرار جي نبيري لاءِ وڏي اڳڀرائي، ميڙ منٿ قافلو اچڻ تي شهيد پروفيسر اجمل ساوند جا وارث راڄوڻي نبيري لاءِ راضي، اجمل جي ڀاءُ پاران بيوسي جو اظهار، 4 جولاءِ تي علي گوهر مهر ڌرين جو فيصلو ڪندو. تفصيل موجب ساوند سندراڻي خوني تڪرار جي نبيري لاءِ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي اڳواڻي ۾ اعجاز جکراڻي، محبوب بجاراڻي، ميان عبدالخالق ڀرچونڊي، گل محمد جکراڻي، سراج احمد امروٽي، جلال ڪلپر بگٽي، بشير احمد شاهه، فيض الرحمان شاهه، حاجي ارشد سونارو، حافظ عبدالرحمان چاچڙ ۽ مختلف درگاهن جا گادي نشين، غوثپور ڪنڌڪوٽ جي هندو برادري سميت مختلف برادرين جا ماڻهو ميڙ منٿ قافلو وٺي شهيد پروفيسر اجمل ساوند جي ڀاءُ ڊاڪٽر طارق ساوند ۽ ڊاڪٽر علي نواز ساوند وٽ پهتا، جِتي ڊاڪٽر طارق ساوند پاران راڄوڻي نبيري لاءِ راضپو ظاهر ڪيو ويو، جنهن بعد خير جي دعا گهرائي وئي
ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ جي مرڪزي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته ميڙ منٿ قافلو نه پر ڌرين کي ٺاهڻ لاءِ چڱا ماڻهو گڏ ٿيا آهيون، صرف ساوند سندراڻي تڪرار نه پر ڪلهوڙا مهر، جتوئي مهر تڪرار سميت ٻين برادرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرارن جو به خاتمو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، شهيد ڊاڪٽر اجمل ساوند جي ڀاءُ ڊاڪٽر طارق ساوند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پهريان اسان چيو هو ته شهيد ڊاڪٽر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ٿيڻ تائين صلح نه ڪنداسين، جنهن سبب ڪيتريون ئي بيگناهه جانيون ضايع ٿيون، هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي خون سان به هن وقت تائين انصاف ناهي ٿيو، اتي شهيد اجمل جي خون سان ڪهڙو انصاف ٿيندو
هن چيو ته خوني تڪرار جي نبيري لاءِ پهرين ڪو به ٺاهه نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، ڇا ڪيون اسان به هن سسٽم جو حصو آهيون، تنهن ڪري خوني تڪرار جي نبيري لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي،ڊاڪٽر اجمل ساوند واپس ته نه ايندو پر ٻيون قيمتي جانيون بچائڻ لاءِ راڄوڻي فيصلي تي راضپو ظاهر ڪيو آهي
هن چيو ته ڪنهن به قسم جو دٻاءُ ناهي، برادري جي نيڪ مردن سان مشاورت ڪنداسين، جنهن بعد فيصلي جو سرپئنچ ۽ وقت طئي ڪيو ويندو، پ پ اڳواڻ گل محمد جکراڻي چيو ته سيد خورشيد شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ ميڙ منٿ قافلو ڊاڪٽر طارق ساوند ۽ ڊاڪٽر علي نواز ساوند وٽ پهتو
ساوند سندراڻي تڪرار ورهين کان هلندڙ آهي، 30 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، پارٽي قيادت جو حڪم هيو ته معاملو حل ڪريو، ڊاڪٽر اجمل ساوند واري ڌر ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي علي گوهر مهر وٽ 4 جولاءِ تي فيصلو ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، تيستائين ڌريون جهيڙو نه ڪنديون، ڪنهن به قسم جي ڪا به ڌر اڳرائي نه ڪندي، سندراڻين سان به ڳالهيون ٿيون آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل سبب ساوند ڌر راضي نه هئي، اِن ڪري ڊاڪٽر علي نواز ۽ ڊاڪٽر طارق ساوند وٽ قافلو پهتو
ڊاڪٽر اجمل لاءِ ملڪ ۾ مظاهرا ٿيا: پهرين وارثن ٺاهه کان انڪار ڪيو
سکر: ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل کانپوءِ پوري سنڌ، پاڪستان اندر احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل کي سنڌ جي شعور جو قتل قرار ڏنو ويو هو، لڳ ڀڳ هڪ سال اڳ به معززن تي مشتمل ميڙ منٿ قافلو ڊاڪٽر طارق ساوند، ڊاڪٽر علي نواز ساوند واري ڌر وٽ پهتو هيو، جن شهيد پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ڪرائڻ ۾ مدد جي اپيل ڪندي چيو هو ته جيستائين قاتل گرفتار نه ٿيندا تيستائين ڳالهيون نه ٿينديون. جنهن کانپوءِ ميڙ منٿ قافلو مايوس تي واپس روانو ٿي ويو هو
تڪرار ۾ عورت، نينگري 6 واٽهڙن سميت 32 ڄڻا قتل ٿي چڪا
غوثپور: سندراڻي ساوند ڌرين جي تڪراري ۾ هيستائين هڪ عورت ۽ نينگري سميت 32ڄڻا گولين جو کاڄ بڻجي چڪا آهن، مارجي ويلن ۾ 6 واٽهڙو به شامل آهن. ساوند سندراڻي تڪرار دوران مارجي ويلن ۾ شھيد پروفيسر اجمل ساوند، وڪيل نور الاھي سندراڻي، جان محمد سندراڻي، بھرام ساوند، مظھر سندراڻي، عبدالقادر، امان اللہ سندراڻي، راحب، واٽھڙو اصغر ٿھيم، بدلو، عمران، فيض محمد ساوند، امير علي ۽ ٻيا شامل آهن
خورشيد شاهه ڊاڪٽر اجمل جي وارثن کي اڳواٽ ئي فيصلي تي راضي ڪري ورتو هو: ذريعا
سکر: ذريعن موجب پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه پارٽي قيادت پاران مليل هدايتن کان پوءِ ڊاڪٽر طارق ساوند ۽ ڊاڪٽر علي نواز ساوند واري ڌر کي اڳواٽ ئي ڳالهين جي لاءِ راضي ڪري ورتو هو، جنهن کانپوءِ اعجاز جکراڻي، مختلف درگاهن جا گادي نشين، برادرين جي سردارن، معززرن تي مشتمل ميڙ منٿ قافلو ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان سکر پهتو
تڪرار جو ڪارڻ بڻيل معاملي ۾ اجمل ساوند نه ڳڻيو ويندو
سکر:شهيد ڊاڪٽر اجمل ساوند جي ڀاءُ ڊاڪٽر طارق ساوند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ساوند سندراڻي تڪرار اجو ڪارڻ بڻيل معاملي ۾ شهيد ڊاڪٽر اجمل ساوند کي نه ڳڻيو وينديو، ڊاڪٽر اجمل ساوند کي بيگناهه شهيد ڪيو ويو، اُن جو هن تڪرار سان ڪو به تعلق نه هو.