ڪورنگي ۾ جاچ آفيسر پاران ڪيس هلائڻ لاءِ شهري کان مبينا طور رشوت وٺڻ جي وڊيو سامهون اچي وئي

مارچ 9, 2024

ڪورنگي ۾ جاچ آفيسر پاران ڪيس هلائڻ لاءِ شهري کان مبينا طور رشوت وٺڻ جي وڊيو سامهون اچي وئي، شهري جنيد الرحمان جو چوڻ آهي ته 31 جنوري تي منهنجي گهرواري جي گاڏيءَ کي ٻي گاڏيءَ ٽڪر هنيو هو، ٽڪر هڻندڙ شهري پئسا ڀري ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو، جوابدار بعد ۾ خرچ ڀري ڏيڻ بدران ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون، جنهن بعد اسان جوابدار خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي، متاثر شهري جو چوڻ آهي ته سب انسپيڪٽر وحيد تنولي جي چوڻ تي جاچ آفيسر ڪيس هلائڻ لاءِ گهر اچي 24 هزار روپيا رشوت ورتي، مون رشوت وٺڻ واري وڊيو ريڪارڊ ڪئي، ايس ايس پي جاچ کي وڊيو ڏيکارڻ باوجود سب انسپيڪٽر ۽ جاچ آفيسر خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻي ۾ مڙهه کڻن به مشڪل ٻڻيل

  • صالح پٽ ڀرسان جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي

  • دادو ۾ عورت سان 3 جوابدارن جي اجتماعي لڄالٽ

  • لاڙڪاڻو: مبينا حملي ۾ مارجي ويلن جي وارث عورت جو احتجاج