ڪوٽڙي کي برسات ٻوڙي ڇڏيو، روڊ رستن ۽ مک چوڪن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل، انتظاميا گم
آگسٽ 29, 2024
ڪوٽڙي (رپورٽ: يوسف سارنگ) ڄامشوري ضلعي جي هيڊڪوارٽر واري شهر ڪوٽڙيءَ ۾ چئن ڏينهن کان وقفي وقفي سان هلندڙ هلڪي توڙي تيز برسات سبب ڪوٽڙي شهر ۽ ڪوٽڙي سائيٽ جي اهم روڊن رستن، گهٽين ۽ تعليمي ادارن ۾ برسات جو پاڻي بيهجي ويو آهي، ٻه ميونسپل ڪاميٽيون ڪوٽڙي ميونسپل ڪاميٽي ۽ ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقن تي ٻڌل ٻولهاڙي ميونسپل ڪاميٽي هئڻ باوجود ميونسپل انتظاميا طرفان برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺڻ بجاءِ روايتي سستيءَ جو مظاهرو ڪيو ويو، شهر جي مُک المدينا چوڪ، هرڻ چوڪ، اسٽيشن روڊ، نانگو لائين جي هيٺاهين وارن علائقن، ڪوٽڙي سائيٽ جي مُک ڪاروباري مرڪز ٻٻر اسٽاپ، ابڙا چونڪ، گلشن مبارڪ ڪالوني، شهباز ڪالوني، خورشيد ڪالونيءَ جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول، پرائمري اسڪول ۽ ٻين هنڌن تي برساتي پاڻي بيهڻ سبب علائقي واسي توڙي شاگرد سخت ڏکيائي کي منهن ڏنو، هوڏانهن سياسي سماجي اڳواڻن جي ڊي اي جي عبدالرزاق رند، ايس يو پي جي مرتضيٰ رند، ايس ٽي پي جي يونس اوٺو، ٻولهاڙي اتحاد جي برڪت گهوٽو، عرفان ملاح ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڪوٽڙي ۽ ٻولهاڙيءَ ميونسپل انتظاميا پاڻيءَ نيڪال لاءِ سنجيده ڪوششون نه ورتيون آهن، برساتي پاڻي فوري طور تي نيڪال ڪري شهرين جي پريشاني ختم ڪئي وڃي. ٻئي پاسي ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙيءَ جي چيئرمين فقيرداد کوسو “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وس آهر پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ڪوٽڙي سائيٽ جو انفراسٽرڪچر تباھه آهي ۽ ان کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.