ڪي پي جي بجيٽ مان دهشتگردن جي فنڊنگ پئي ٿئي، سياستدان سنجيدا نه ٿيا ته رد عمل ايندو: بلاول ڀٽو زرداري
جُولاءِ 9, 2024
پشاور (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خيبر پختونخوا جي بجيٽ مان دهشتگرد تنظيمن کي فنڊنگ ڪئي پئي وڃي. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي کانسواءِ دهشتگردي بابت ڪير پڇي ٿو؟ اسان جي مطالبي تي جنرل رٽائرڊ باجوا ۽ فيض حميد پارليامينٽ کي بريفنگ ڏني هئي، ڪي پي حڪومت 15 سالن کان دهشتگردن جي سهولتڪار بڻيل آهي، جيڪڏهن حڪومت خود سهولتڪار بڻيل هوندي ته پوءِ دهشتگردي جو مقابلو ڪيئن ڪري سگهبو. هن چيو ته اسين وزارتن جا خواهشمند ناهيون، پاڪستانين جي بهتري چاهيون ٿا، امن جي معاملي تي رڳو اتحادين سان نه پر اپوزيشن کان به راءِ ورتي وڃي اسين ڪيستائين لاش کڻندا رهنداسين سٺا ڏينهن ڪڏهن ايندا. سندس چوڻ هو افسوس خيبر پختونخواهه کان وٺي بلوچستان تائين وري دهشتگردي ڪر کڻي رهي آهي، حڪومت آپريشن جي حوالي سان اي پي سي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو، اسان هاڪاري انداز ۾ اي پي سي ۾ پنهنجو وفد موڪلينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته افغانستان ۾ نيٽو فوج پنهنجا هدف نه ماڻي سگهي، مان نٿو سمجهان ته افغانستان جي دوري سان مسئلا حل ٿيندا، ائين ناهي ته جهاز ۾ ويهو ۽ افغانستان سان مسئلا حل ٿي وڃن. هن چيو ته ايترن ملڪن ۽ فوج کي افغانستان ۾ شڪست ٿي، مسئلا افغانستان جي دوري سان يا چانهه جي ڪپ پيئڻ سان حل نه ٿيندا، چين، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڳالهيون ڪرائي مون پرڏيهي وزير طور پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو، افغانستان ۽ پاڪستان جي مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي، افغانستان جا سمورا مسئلا انهن جي ڪنٽرول ۾ ناهن. بلاول چيو ته ته پ پ سدائين هاڪاري سياست ڪئي آهي، اسين گارين واري سياست تي يقين نٿا رکون، معاشي مسئلا تاريخي سطح تي پهچي چڪا آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عوام، فوج شهادتون ڏنيون. هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ پ پ جي تنظيم سازي جو سلسلو جاري آهي، خيبر پختونخواهه ۾ نفرت جي سياست ڪندڙن جو هاڪاري سياست سان مقابلو ڪنداسين، جيڪڏهن سياستدان سنجيدگي سان مسئلا حل نه ڪندا ته عوام جي ردعمل کي منهن ڏيندا. بلاول چيو ته دفاعي بجيٽ تي ڪابه تنقيد نه پيا ڪريون، قيدي نمبر 804 خلاف ڪير ڪيس ڪرائڻ چاهي ٿو ڀلي ڪرائي پر آئون ڪوبه ڪيس نه پيو ڪريان، ٻين خلاف ڪيس قائم ڪرڻ جون ڌمڪيون ۽ پاڻ روئڻ لڳائي رکيو آهي، سڀني جيل ڀوڳيا پر ڪير ائين نه رنو آهي.هن چيو ته مولانا صاحب جيڪو ڪرڻ چاهي ٿو ڀلي ڪري هو سٺو سياستدان آهي اليڪشن کان اڳ ۽ پوءِ واري موقف تي ڇا ڳالهايون، مولانا صاحب اليڪشن مهم ۾ اليڪشن جلد ڪرائڻ جون ڳالهيون ڪندو هو هارائي ويو ته هار به قبول ڪري وٺي. پ پ چيئرمين چيو ته حڪومت پيپلزپارٽي جي ووٽن جي ڪري بيٺي آهي، بجيٽ تي به چيو هو ته اُن ۾ اسان جو اِنپُٽ ورتو وڃي ها، هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ٻين صوبن جا صحافي اچي ڏسن، اسين غربت جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گورنر هائوس پشاور ۾ مختلف راندين جي اڳوڻن ۽ موجوده رانديگرن سان ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو سان اڳوڻي ورلڊ اسڪواش چيمپيئن جان شير خان، تائيڪوانڊو گولڊ ميڊلسٽ ميمونا نصير بلوچ ۽ پاڪيزه، والي بال ٽيم جي ڪپتان مراد جهان، رانديگر وليد خان ۽ مصور ملاقات ڪئي. پ پ چيئرمين گورنر هائوس پشاور ۾ مائو تائي چيمپيئن خان سعيد آفريدي، پاڪستان جي پهرئين عورت اسپرنٽر تميم خان، ورلڊ جوڊو چيمپيئن عزيز الحق ۽ ماونٽينيئر ثمر خان سان پڻ ملاقات ڪئي. رانديگرن سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان تائيڪوانڊو ۾ ڊين هڪ تائين پهچي ويو آهيان، توهان ڊين 2 تي آهيو، مون کي توهان کي ڪوچ بڻائڻو پوندو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ رانديگرن کي يادگاري شيلڊون پيش ڪيون.