ڪي پي ۾ منشيات فروشن کان ٽيڪس اوڳاڙي، طالبان ڪلو چرس تي 5 هزار ٽيڪس رکي ڇڏيو
جُولاءِ 24, 2024
پشاور (م ڊ) پابندي پيل دهشتگرد تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان پاران منشيات فروشن کان ٽيڪس اوڳاڙي جو انڪشاف ٿيو آهي
ان ڏس ۾ خيبرپختونخواه ۾ سرگرم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻين انتهاپسند تنظيمن پاران ماهوار اربين رپيا ڀتا وصول ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. منشيات جي پيداوار لاءِ مشهور خيبر ضلعي ۾ طالبان هڪ ڪلو چرس تي 5 هزار رپيا ٽئڪس لاڳو ڪري ڇڏي آهي
ڳجهن ادارن جي هڪ اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ تي ٻڌايو ته وڏا منشيات فروش طالبان کي 25 کان 30 سيڪڙو حصو ڏين ٿا. اهو پئسو پاڪستاني طالبان ۽ افغانستان ۾ رهندڙ انتهاپسند گروپن جي واڌ ويجهه لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. طالبان کي اهي پئسا روڪ رقم جي صورت ۾ ملندا آهن، ان ڪري ڳجهن ادارن ۽ فورسز وٽ ان جو ڪو به رڪارڊ ڪونهي
انٽيليجنس ايجنسين موجب اڳوڻي فاٽا جي ضم ٿيل ضلعن خاص ڪري اتر وزيرستان، ڏکڻ وزيرستان، ايف آر لڪي، لڪي مروت، ڊي آءِ خان، بنون، ضلعي مهمند ۽ باجوڙ جي ڪجهه علائقن جا سمورا سرڪاري ٺيڪيدار طالبان کي 5 کان 15 سيڪڙو ماهوار يا ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ادا ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو ٺيڪيدار اهو نه ٿو ڏئي ته ان لاءِ علائقي ۾ ڪم ڪرڻ ناممڪن بڻجي وڃي ٿو.