ڪي پي ٽي ۾ جدت آڻڻ ۽ لياري ايڪسپريس وي ڪارگو لاءِ کولڻ جو حڪم:بندرگاهون اربين ڊالر ڪمائينديون: وزيراعظم شهباز شريف

جُولاءِ 8, 2024

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) وزيراعظم شهباز شريف شپنگ  ريگيوليشن لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ  ۽ بندرگاهن تي جديد اسڪيننگ مشينون  لڳائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي . هن اها به هدايت ڪئي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تائين بنا رڪاوٽ سامان ( ڪارگو)  جي آمد رفت لاءِ لياري ايڪسپريس وي کي 24 ڪلاڪ کليل رکيو وڃي. ڪالهه ڪراچي جي دوري  دوران ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ نيشنل شپنگ ڪارپوريشن بابت اجلاس کي خطاب ڪندي هن  چيو ته پاڪستان خطي ۾ جاگرافيائي طور نهايت ئي اهميت رکندڙ ملڪ آهي، تازو ئي قازقستان جي دوري دوران روس جي صدر ولادي مير پيوٽن ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون، هنن واپار لاءِ پاڪستاني بندرگاهن  ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي،  هن چيو ته ڪراچي ۾ موجود بندرگاهن جي ترقي سان ويليو ايڊيشن جي صنعت ذريعي روانگي واپار وڌندو. هن چيو ته بندرگاهن ۾ جدت آڻي اربين ڊالرن جو ناڻو ڪمائي سگهون ٿا، وزيراعظم چيو ته پورٽ قاسم ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تي جديد مشينري لڳائي ڪسٽم ڪليئرنس جي وقت کي گهٽايو  وڃي. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تائين سامان جي بنا رڪاوٽ رسد کي يقيني بڻائڻ لاءِ لياري ايڪسپريس وي کي ڪارگو ٽريفڪ لاءِ 24 ڪلاڪ کليل رکيو وڃي. هن چيو ته سامان جي رسد کي بهتر بڻائڻ لاءِ ملير ايڪسپريس وي کي به  بندرگاهن سان ڳنڍيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تائين ريل ذريعي سامان جي رسد جي صلاحيت کي وڌايو وڃي. پورٽ قاسم تي ايل اين جي جهازن جي في کي گهٽائي عالمي سطح تي نافذ ريٽ ورتا وڃن. هن چيو ته پاڪستان وچ ايشيائي ملڪن لاءِ سمنڊ رستي واپار جو سڀ کان بهتر گس ڏئي ٿو.  وچ ايشيائي رياستن واپار لاءِ پاڪستان جي بندرگاهن جي استعمال ۾ دلچسپي پڻ ڏيکاري آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ نيشنل شپنگ ڪارپوريشن بابت اجلاس جي صدارت ڪئي. جناجلاس کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي آپريشنز جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کي بندرگاهن جي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي

Leave A Comment