ڪي پي مان هٿيار کڻي پنجاب تي حملا ڪيا پيا وڃن، اهڙن سان سختي ڪرڻ گهرجي: نوازشريف
آڪٽوبر 3, 2024
لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف چيو آهي ته ٻڪرين جيان پويان ويندڙ، جيل ۾ ويٺل ماڻهو کان پڇن ته هُن ڪي پي ۾ ڇا ڪيو؟ اهي مار ڌاڙ ۾ نمبر ون ۽ ڪارڪردگي ۾ ٻُڙي آهن، جتي موقعو ملندو اٿن، اُتي احتجاج ڪندا آهن، 50 لک گهر ڪيڏانهن ويا؟ مون کي ڳچي ۾ رسو وجهي وزيراعظم هائوس مان ڪڍڻ جو چوندو هو، لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو آهي ته ڪي پي مان ڳوڙها گئس جا شيل کڻي ائين پنجاب ايندا آهن، جيئن وچ ايشيا جا ماڻهو پنجاب تي حملي آور ٿيندا هئا، اهڙن ماڻهن سان سختي سان پيش اچڻ گهرجي، ڇا توهان پنجاب ۽ ڪي پي ۾ جنگ چاهيو ٿا؟ اسين آءِ ايم ايف کي خدا حافظ ڪريون ٿا ته توهان انهن کي ٻيهر وٺي اچو ٿا رياست جي ٿنڀن به رياست سان سٺو ورتاءُ نه ڪيو آهي، خرابي جا ذميوار رياست جا ٿنڀ به آهن، نواز شريف وڌيڪ چيو ته ثاقب نثار جي آڊيو اڄ به مون وٽ موجود آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته نواز کي ڪڍي عمران کي آڻڻو آهي. باني پي ٽي آءِ جيڪو ڪندو اهو ئي کيس ڀوڳڻو پوندو.