کپرو ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ فنڪشنل ليگ جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو تعلقي ناظم خدابخش درس گارڊ سوڌو قتل

جُون 29, 2024

کپرو ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ فنڪشنل ليگ جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو تعلقي ناظم خدابخش درس گارڊ سوڌو قتل، خدابخش درس گارڊ سان گڏ پنهنجي زمين تي ويٺل هو ته هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني، هٿياربندن گوليون هڻي پهرين گارڊ خالق ڏنو درس کي قتل ڪيو، بعد ۾ خدا بخش درس تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب خدا بخش درس ۽ سندس گارڊ خالق ڏنو درس ٿڏي تي دم ڏنو، واقعي بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، خدابخش درس جي گارڊ سوڌو قتل بعد کپرو، ڍليار، هٿونگو ۽ سنواري شهر بند ٿي ويا، مقتولن جا مڙهه کپرو تعلقي اسپتال منتقل ڪيا ويا، درس برادري جا ماڻهو ۽ شهري وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا، خدابخش درس مشرف دور ۾ 2 ڀيرا تعلقي ناظم بڻيو، 2013ع جي عام چونڊن ۾ خدا بخش درس شازيا عطا مري جي مقابلي ۾ قومي تڪ تي چونڊ به وڙهي هئي ۽ هارائي ويو هو

کپرو ۾ قتل ڪيل خدا بخش درس ۽ سندس گارڊ خالق ڏنو درس جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي

کپرو ۾ قتل ڪيل خدا بخش درس ۽ سندس گارڊ خالق ڏنو درس جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته خدا بخش درس جي جسم ۾ ڪلاشن ڪوف جون 15 گوليون لڳل آهن، خدابخش درس سان گڏ حملي ۾ قتل ٿيل گارڊ خالق ڏنو درس جي نياڻيءَ جي اڄ ونواهه جي تقريب رٿيل هئي، گهر ۾ لاش پهچڻ تي ڪهرام، شاديءَ جون خوشيون سوڳ ۾ تبديل ٿي ويون

Leave A Comment