ايل بي او ڊي تي دٻاءُ، پراڻ ۾ پاڻي ڇوڙ، جهڏو ۽ نئون ڪوٽ شهر ٻڏڻ جو خدشو
سيپٽمبر 2, 2024
نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيارعلي نهڙيو) ايل بي او ڊي اسپائينل ڊرين جي آر ڊي 210 وٽان ايل بي او ڊي مان ڍوري پراڻ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرائڻ لاء ٺاهيل ريگيوليٽر جي ڏھن دروازن مان ست دروازا ڊرينيج انتظاميه بند ڪري ڇڏيا، ايل بي او ڊي ۾ پاڻي جو دٻاءُ برقرار آهي، جڏهن ته جهڏو، نئون ڪوٽ جي شھري آبادي سميت ٿرپارڪر ضلعي جي ٻھراڙي وارا علائقا ٻڏڻ جو خدشو وڌي ويو، رين ايمرجنسي فوڪل پرسن ميرپورخاص پ پ پ ايم پي اي مير طارق ٽالپر ايل بي او ڊي تي ٺھيل ريگيوليٽر تي پهچي بند پيل 7 دروازا کولي ڇڏيا، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ميرپورخاص ضلعي جي فوڪل پرسن مير طارق ٽالپر ٻڌايو ته ايل بي او ڊي ۽ پراڻ ندي ۾ پاڻي جو دٻاءُ آھي ان کي گهٽ ڪرڻ مون ريگيوليٽر جو سمورا دروازا کولي ڇڏيا آھن، جڏھن ته هڪ دروازو خراب هجڻ ڪري بند پيل آھي، مون کي علائقي واسين شڪايتون ڪيون ته رات جي وقت ريگيوليٽر جا سمورا دروازا بند ڪيا وڃن ٿا، هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڊرينيج جي آفيسرن مونکي دروازا بند ڪرڻ جو سبب پراڻ ڍوري جا بند ڪمزور هجڻ ٻڌايو آھي، ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي ڊرينيج جي ايگزيڪٽو انجنيئر ضمير ڏيرو ٻڌايو ته پراڻ ڍوري جا بند ڪمزور ناهن، اسان پاڻي جي سطح کي برقرار رکڻ لاءِ ريگيوليٽر جا ست دروازا بند ڪيا، هن مهل ٽن دروازن مان ٻه هزار ڪيوسڪ پاڻي ايل بي او ڊي مان ريگيوليٽر ذريعي پراڻ ڍوري ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي.