وڳڻ اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ، عمارت زبون حال، علاج لاءِ ايندڙ مريض دربدر

آڪٽوبر 28, 2024

وڳڻ (رپورٽ: نادر ممتاز ڀنڊ) وڳڻ شھر ۽ ڀرپاسي جي 70  ھزار کان وڌيڪ آبادي صحت جي بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل، سنڌ حڪومت طرفان شھر ۾ 1995ع ۾ قائم ڪيل 10 بيڊن واري رورل ھيلٿ صحت مرڪز جي عمارت مرمت ۽ وارثي نه ٿيڻ ڪري زبون حال بڻجي وئي،  اسپتال جي ڪمرن جي ڇت مان چاپڙ ڪرڻ سان گڏ ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا، جڏھن ته وارڊن ۾ پيل لوھا بيڊ پڻ ڪٻاڙ بڻجي ويا، مريضن کي سخت مشڪلاتن سان منھن ڏيڻو پيو آھي، مليريا دوائن کان ويندي اسپتال ۾ بجلي لائيٽون ڊينٽل وارڊ نانگ ۽ ڇتي ڪتي جي ويڪسين ۽ ٻين سھولتنجي کوٽ برقرار آھي،ان حوالي سان شھرين عباس علي ، ممتاز وڳڻ، لالا حفيظ پٺاڻ ، ظفر مغيري ، منير بلوچ ، خدمت ڀنڊ ۽ ٻين چيو ته شھر جي 70 ھزار کان وڌيڪ آبادي لاءِ صحت جي ڪا سھولت ناھي، اسپتال ۾ ايندڙ دوائون خانگي اسپتالن ۾ پيل آھن، پيئڻ جي پاڻي، بجلي سميت ڪابه سهولت ناهي، ڊاڪٽر ڊيوٽين تي ناھن ايندا، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن

اسپتال جي سرڪاري ڪوارٽرن تي بااثر ماڻهن جا قبضا

وڳڻ : اسپتال اندر ملازمن لاءِ ٺھيل ڪوارٽر پڻ زبون ٿي ويا، ذريعن موجب جن تي شھر جي بااثرن جو قبضو ٿيل آھي، ملازمن جي رھڻ بدران خانگي ماڻھن سرڪاري ڪوارٽرن ۾ رھائش اختيار ڪري ڇڏي آھي، صحت کاتي پاران ڪا به ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري ورھين کان غير ذميوار ماڻھن حوالي ٿيل ڪوارٽرن مان سامان سميت لکين رپين جو لوھ چوري ٿيڻ جو پڻ انڪشاف سامھون آيو آھي، جنھن معامري تان ڪجھه عرصو اڳ اسپتال عملي جي ٻن ڌڙن ۾ ڇڪتاڻ پڻ ٿي ھُئي، جنھن جو نوٽيس تڏھوڪي ڊي ايچ او قمبر ورتو ھو ۽ سياسي مداخلت عيوض معامري کي لئه مٽي ڪري ڇڏيو

اسپتال جون سرڪاري دوائون خانگي اسٽورن تي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

وڳڻ: اسپتال اندر دوائن جي کوٽ جو مسئلو پڻ ڪيتري عرصي کان حل نٿي سگھيو آھي، ماھوار ڪروڙين رپين جون دوائون خانگي اسٽورن تي وڪرو ٿيڻ جا انڪشاف ٿيڻ باوجود صحت کاتي قمبر طرفان ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي، عام ميڊيسن کان ويندي ڇتي ڪتي جي ويڪسين يا نانگ ڪکڻ واري انجيڪشن نه ھجڻ ڪري اھڙن مريضن کي لاڙڪاڻو ۽ قمبر ضلعن جي ٻين اسپتالن ڏانھن نيو وڃي ٿو

اسپتال ۾ سموريون سهولتون موجود آهن، عملو ڊيوٽي تي موجود  آهي: ايم ايس ڊاڪٽر چندر لعل

وڳڻ: اسپتال ايم ايس ڊاڪٽر چندر لعل پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اسپتال ۾ هر سهولت موجود آھي، مرمت لاءِ اعليٰ  اختيارين کي لکيو آهي پر تدارڪ ناهي ٿيو، اسپتال ۾ ايندڙ دوائون مريضن کي ئي ڏنيون وڃن ٿيون، خانگي اسٽورن تي وڪرو ڪرڻ واري الزامن ۾ ڪا به صداقت ناھي. اسپتال جو سمورو عملو ڊيوٽين تي آھي

اسپتال جو عملو اڪثر ويزا تي ويل آهي، جاچ ڪرائي وڃي: شهري

وڳڻ: شھرين موجب موجب اسپتال جو عملو اڪثر ويزا تي ويل آھي، ملازم ماھوار ھزارين رپيا ڏئي پاڻ کي حاضر ڄاڻائڻ لڳا آھن، جڏھن ته ڪيترن ملازمن پنھنجي جاءِ تي ٿورڙي پگھار عيوض خانگي ماڻھن کي اسپتال موڪلي ڊيوٽي ڪرائڻ لڳا آھن، عملي جي نه اچڻ جي ڪري ڪنھن حادثي يا ايمرجنسي صورت ۾ زخمين ۽ متاثرن کي تڙپندو ٻين اسپتالن ڏانھن ريفر ڪيو وڃي ٿو

بجلي نه هجڻ سبب اسپتال ۾ اونداهه، مريض جر جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور

وڳڻ: اسپتال اندر مريضن لاءِ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ۽ بجلي نه ھجڻ ڪري مريض انتھائي سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آھن، مريضن کي جر جو کارو پاڻي ڏنو وڃي ٿو، جيڪو خطرناڪ ثابت پڻ ٿيو آھي. اسپتال اندر بجلي جو اڻپورو نظام ھجڻ ڪري اسپتال اونداھي جي ور چڙھيل آھي

Leave A Comment