لاهور هاءِ ڪورٽ پورو چونڊ عمل روڪيو، ڇا اليڪشن ڪميشن ختم ڪري ڇڏيون؟ آرڊيننس آڻڻ پارليامينٽ جي توهين آهي: چيف جسٽس

جُون 21, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 8 اليڪشن ٽربيونلز جوڙڻ جو فيصلو معطل ڪرڻ جي اليڪشن ڪميشن جي استدعا رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ لارجر بينچ جوڙڻ لاءِ معاملو 3 رڪني ڪاميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو، عدالت اٽارني جنرل پاڪستان کي نوٽيس جاري ڪندي ٻين صوبن ۾ ٽربيونلز جوڙڻ متعلق تفصيل اليڪشن ڪميشن کان طلب ڪري ورتا. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن آرڊيننس سان ڪم هلائڻو آهي ته پوءِ پارليامينٽ کي بند ڪري ڇڏيو، آرڊيننس آڻڻ پارليامينٽ جي توهين آهي، هڪ پاسي پارليامينٽ قانون ٺاهيو آهي، اليڪشن ايڪٽ ته پارليامينٽ جي خواهش هئي، هي آرڊيننس ڪنهن جي خواهش هئي؟ ڪهڙي ايمرجنسي هئي؟ پارليامينٽ جي قانون کانپوءِ هي آرڊيننس ڪٿان اچي ويو؟ چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن تڪراري ڇو هوندي آهي؟ توهان اليڪشن ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شهزاد ملڪ 12 جون تي 8 ٽربيونلز جوڙڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، 14 جون تي اليڪشن ڪميشن فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، اليڪشن ٽربيونلز جوڙڻ جي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تي مشتمل ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير ۽ پي ٽي آءِ جو وڪيل سلمان اڪرم راجه عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير دليل ڏيندي چيو ته ڪيس ۾ آئين جي آرٽيڪل 219 (سي) جي تشريح جو معاملو آهي. 14 فيبروري تي اليڪشن ڪميشن ٽربيونلز جوڙڻ جي لاءِ سمورين هاءِ ڪورٽس کي خط لکيا، ٽربيونلز جوڙڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. سمورين هاءِ ڪورٽس کان خط ذريعي ججز جي نالن جي فهرست گهري وئي. خطن ۾ ججز جي نالن جا پينلز گهريا ويا. لاهور هاءِ ڪورٽ پاران 20 فيبروري تي ٻن ججز جا نالا ڏنا ويا، جن کي نوٽِيفاءِ ڪيو ويو. 26 اپريل تي وڌيڪ ٻن ججز جي بطور اليڪشن ٽربيونلز جوڙي وئي. چيف جسٽس چيو ته آئين بلڪل واضع آهي اليڪشن ٽربيونلز جو اختيار اليڪشن ڪميشن کي حاصل آهي. اسان آئين ۽ قانون تحت حلف کنيو آهي. عدالتي فيصلن تي حلف ناهي ورتو. سپريم ڪورٽ جڏهن جڏهن آئين جي تشريح ڪئي پيچيدگيون پيدا ٿيون. چيف جسٽس ٽربيونلز جوڙڻ متعلق صدارتي آرڊيننس جي حوالي سان رمارڪس ڏيندي چيو ته ريٽائرڊ ججز جو قانون ڪڏهن ٺاهيو ويو؟ صدارتي آرڊيننس جي ذريعي تبديلي ڪيئن ڪري سگهجي ٿي؟ هڪ طرف پارليامينٽ قانون ٺاهيو آهي ان بعد آرڊيننس ڪئين آڻي سگهجي ٿو. آرڊيننس آڻڻ جو ڪهڙو ڪارڻ هيو؟ هي آرڊيننس ڪنهن جي خواهش هئي؟ جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته آرڊيننس ڪابينا ۽ وزير اعظم جي خواهش هئي. چيف جسٽس چيو ته هن آرڊيننس جي ذريعي هاءِ ڪورٽ فيصلي جي نفي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سلمان اڪرم راجه کي ججز جي لاءِ هينڊ پڪ جو لفظ استعمال ڪرڻ کان روڪيندي چيو ته ڇا اوهان کي هاءِ ڪورٽ جي ڪجهه ججز تي خدشا آهن؟ لاهور هاءِ ڪورٽ جي حوالي سان اهڙن رمارڪس کي اسان تسليم نه ڪنداسين. وڪيل سلمان اڪرم راجه چيو ته آرڊيننس کي ڏسي هينڊ پڪ جو لفظ استعمال ڪري رهيا آهيو. پارليامينٽ جي قانون بعد آرڊيننس ڪٿان اچي ويو. ڪا ايمرجنسي هجي ها ته سمجهه ۾ اچي ٿو. هي ته اليڪشن ۾ مداخلت آهي. چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ٽربيونل جي لاءِ آئين ڇا ٿو چوي؟ پارليمينٽ قانون ٺاهيندي آهي. اسان قانون جي حفاظت ڪندا آهيون. جنهن جو ڪم آهي اُن کي ڪرڻ ڏنو وڃي. هڪ ميٽنگ ۾ ويهي سڀ طئي ڪري سگهجي ٿو. وڪيل اليڪشن ڪميشن استدعا ڪئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي سمورن نامزد ججز کي ٽربيونلز جي لاءِ نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو آهي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪيو وڃي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پهريان به لاهور هاءِ ڪورٽ آر اوز جي معاملي تي پورو چونڊ عمل روڪي ڇڏيو هو، ڇا اليڪشن ڪميشن کي ختم ڪري ڇڏيون؟. جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته خيبرپختونخوا ۾ اليڪشن ٽربيونلز اليڪشن ڪميشن قائم ڪيا. بلوچستان جو مان چيف جسٽس هئس، مون چيو ته اليڪشن ٽربيونلز جو قيام اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. اسان کي سمورن صوبن جو چارٽ فراهم ڪريو. اسان اهو ڏسڻ چاهيون ٿا ته ٻين صوبن جي نسبت هي مسئلو صرف پنجاب ۾ ڇو پيش آيو؟ چيف جسٽس چيو ته اسان جو فيصلو پوري ملڪ ۾ لاڳو ٿيندو، معاملي کي ڏسڻ چاهيون ٿا. صوبائيت مان نڪري پاڪستان جو سوچيو. اوهان پنهنجو ڪم ڪريو ٻين کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.. چيف جسٽس ايڊووڪيٽ سلمان اڪرم راجا کي چيو ته فرض ڪريو ٻن آئيني ادارن جو پاڻ ۾ جهيڙو آهي ته ان معاملي ۾ اوهان جو ڪهڙو عمل دخل آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ ٻئي سان ملاقات نه ٿا ڪري سگهن؟ آئين ۾ ڪٿي به لکيل نه آهي ته ڪنهن جج سان ملاقات نه ٿي ڪري سگهجي، ملاقات ڪرڻ ۾ انا جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ٻئي آئيني ادارا آهن، عدالت سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ٽربيونلز جي قيام جي لاءِ اختيار ڪيل طريقيڪار جا تفصيل طلب ڪندي چيو ته سمورن تفصيلن جو هڪ چارٽ به عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت سمورن هاءِ ڪورٽس ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ ٽربيونلز جوڙڻ متعلق خط ڪتابن جو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

Leave A Comment