لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي رولو ڪتن جو آزار نه گهٽيو، هڪ ڏينهن ۾ 15 ڄڻا ڏاڙهي وڌا
آگسٽ 21, 2024
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، رولو ڪتن هڪ ئي ڏينهن 15 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن ۾ 10 ورهين جو مجيب الرحمان، 40 ورهين جو غلام عباس، 10 ورهين جي اقصيٰ، 7 ورهين جو حسنين، 62 ورهين جو حبيب الله، 14 ورهين جي ناياب، 15 ورهين جو محمد محمد ايان ۽ ٻيا شامل آهن جن کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج فراهم ڪيو ويو. ان موقعي تي اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر جي عملي ٻڌايو ته رولو ڪتن جي ڏاڙهيل زخمين ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن جن جو واسطو لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن سان آهي، سينٽر تي آيل سمورن زخمين کي بروقت ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڪتي جي ڏاڙهيل زخمين جي وارثن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه کان گهر ڪئي ته رولو ڪتن خلاف مهم هلائي معصوم ٻارن سميت ٻين جون زندگيون کي محفوظ بڻايو وڃي.