لاڙڪاڻي ڀرسان پراڻي سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار قتل ڪري ڇڏيو
سيپٽمبر 30, 2024
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان پوليس اهلڪار قتل، شهر ڀرسان ڪنگا ٿاڻي جي حد کوسا ڳوٺ وٽ سڱاوتي تڪرار تان لاڙڪاڻو_ رتوديرو روڊ تي اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس ٽريننگ سينٽر لاڙڪاڻو ۾ ڊيوٽي ڪندڙ 48 ورهين جي چئن ٻارن جي والد پوليس اهلڪار شاهنواز شيخ کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، پوليس مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، مقتول پوليس اهلڪار جي وارثن ٻڌايو ته شاهنواز شيخ پنهنجي ڳوٺ فتح پور کان پي ٽي ايس ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته کوسا ڳوٺ وٽ لاڙڪاڻو رتوديرو روڊ تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث هٿياربندن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻي طرف ڪنگا ٿاڻي جي پوليس شروعاتي جاچ دوران ٻڌايو ته واقعو سڱاوتي معاملي تان پيش آيو، وڌيڪ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته مقتول جي ڀاءُ رضا محمد شيخ ٻڌايو ته خيرپور ضلعي جي علائقي نواڙو واسي پنهنجي ئي ويجهن عزيزن سان سڱاوتي ۽ زميني تڪرار هلندڙ هو جنهن معاملي تان هٿياربندن فائرنگ ڪري شاهنواز کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.
مقتول اهلڪار جي موٽرسائيڪل، موبائيل ۽ پرس هٿ آيا، جاچ ڪريون پيا: پوليس
لاڙڪاڻو: ان حوالي سان ايس ايس پي ٻڌايو ته ايس ايڇ او ڪنگا جي شروعاتي رپورٽ موجب واقعو پراڻي دشمني سان پيش آيو آهي جنهن ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي پوليس اهلڪار شاهنواز شيخ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، واقعي واري هنڌ تان مقتول پوليس اهلڪار جي موٽرسائيڪل، موبائيل ۽ پرس هٿ ڪري لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو پيو وڃي، تمام جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو، واقعي جي رپورٽ طلب
لاڙڪاڻو: ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب اهڙي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو سان رابطو ڪري واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي کيس حڪم ڏنو آهي ته پوليس اهلڪار شاهنواز شيخ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد رات دير سان لاش وارثن حوالي ڪيو ويو