لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ پاران ٻارهين جا نتيجا پڌرا، ڇوڪرن مٿان ڇوڪرين کي سرسي

سيپٽمبر 24, 2024

لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي ڪنٽرولر فخرالدين احمد بابر ابڙو طرفان جاري ڪيل نتيجن موجب ٻارهين جماعت جي پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ گروپ ۾ لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه سان واسطو رکندڙ مجموعي طور تي 42294 اميدوارن حصو ورتو جن مان 32907 اميدوار پاس ۽ 9669 اميدوار فيل ٿيا جڏهن ته 593 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح پري ميڊيڪل گروپ ۾ شاگردن ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگرد سبطين شاهه 996 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، دي سٽي اسڪول لاڙڪاڻو جي شاگرد محمد مزمل جوڻيجو 994 مارڪون کڻي ٻين پوزيشن ۽ زيبسٽ اسڪول اينڊ ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگرد عمار چانڊيو 993 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. پري ميڊيڪل گروپ جي شاگردياڻين ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردياڻي ماهما ڪماري ڇاٻڙيا 999 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، گورنمينٽ گرلس ڪي جي هائير سيڪنڊري اسڪول جيڪب آباد جي شاگردياڻي ايمن منگي 998 مارڪون کڻي ٻين پوزيشن، گورنمينٽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول حاجي فتح محمد شڪارپور جي شاگردياڻي آغا ثمينه خان ۽ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردياڻي بسمه رضا مڱريو 997 مارڪون کڻي گڏيل طور ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. پري انجنيئرنگ گروپ جي شاگردن ۾ ڪيڊيٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگرد رافع وسيم گهمن 996 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگرد محمد حسيب رضا شيخ 995 مارڪون کڻي ٻين پوزيشن ۽ سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور جي شاگرد حفيظ الله ڦلپوٽو 994 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. پري انجنيئرنگ گروپ جي شاگردياڻين ۾ گورنمينٽ گرلس ڪاليج شڪارپور جي شاگردياڻي ماهه نور ميمڻ 996 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، دي سٽي اسڪول لاڙڪاڻو جي شاگردياڻي عجوه علي عباسي 994 مارڪون کڻي ٻين پوزيشن ۽ گورنمينٽ گرلس ڪاليج شهدادڪوٽ جي شاگردياڻي ايشيڪا 993 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي

 

Leave A Comment