لاڙڪاڻي ۾ مهمان ٿي آيل چاچي هٿان 2 نوجوان ڀائٽيون گوليون هڻي قتل
آگسٽ 3, 2024
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد نظر محلا ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن پورهيت عظمت چانڊيو جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري سندس ننڊ ستل ٻن نوجوان ڌيئرن 19ورهين جي حفيظان ۽ 17 ورهين جي فرحه ۽ پيرسن گهر واري روبينه چانڊيو کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪيو ، اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي وارثن جي مدد سان ٽنهي زخمي ٿيل عورتن کي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو جتي زخمن جا سور نه ٻن ڀينرن حفيظان ۽ فرحه چانڊيو دم ڏئي ڇڏيو، جڏھن ته سندن امڙ کي طبي امداد ڏني وئي، حالت بهتر ٻڌائي پئي وڃي. ان موقعي تي مقتولا ڀينرن جي پيءُ عظمت چانڊيو ٻڌايو ته اسان اصل لالورائنڪ ڀرسان ڳوٺ جامڪ چانڊيو جا رهواسي آهيون، 12 سال اڳ ڳوٺ جامڪ چانڊيو مان لڏپلاڻ ڪري لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلا ۾ رهائش اختيار ڪئي جتي ڀاءُ سعيد چانڊيو گهر ۾ ترسيل هو ۽ رات جي وقت اسان سڀني گهر ڀاتين ماني کائڻ بعد سمهي پياسين ته ڀاءُ سعيد، ڀاڻج جميل، سئوٽ نعمت الله چانڊيو ۽ ٻين ننڊ ستل ٻن ڌيئرن حفيظان ۽ فرحه کي قتل ۽ گهر واري روبينه کي زخمي ڪيو. هن اپيل ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ان حوالي سان رحمت پور ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته ٻنهي ڀائرن عظمت چانڊيو ۽ سعيد چانڊيو وچ ۾ گهرو اڻبڻت هلندڙ هئي، واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪئي، هن ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي هدايت ڪئي ته جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي پاسي آخري اطلائن تائين اهڙي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.
ڀينرن کي چاچي ۽ ٻين ڳوٺ واپس نه هلڻ تان قتل ڪيو: فهيم چانڊيو
لاڙڪاڻو: قتل ٿيل ڀينرن جي ڀاءُ فهيم چانڊيو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته وڏي ڀيڻ حفيظان چانڊيو جو سڱ دبئي ۾ رهندڙ پڦاٽ الطاف چانڊيو کي ڏنو هو ۽ الطاف جي ڀيڻ منهنجي ننڍي ڀاءُ عرفان کي ڏنل هئي، الطاف وارا اسان کي مختلف وقتن تي لاڙڪاڻي شهر مان لڏي ڳوٺ اچڻ جو چوندا هئا، انڪار تي الطاف پنهنجي ڀيڻ جو رشتو ننڍي ڀاءُ عرفان کي نه ڏيڻ جي ڌمڪي ڏيندو هو جيڪو تڪرار مسلسل هلندڙ هو، هن مطالبو ڪيو ته ڀينرن جي قتل ۾ ملوث چاچي ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.
جوابدار سعيد چانڊيو ڀاءُ عظمت چانڊيو وٽ مهمان ٿي آيو هو
لاڙڪاڻو: واقعي بابت مقتول ڀينرن جي وارث عورتن دانهيندي چيو ته سعيد چانڊيو لالورائنڪ ڀرسان ڳوٺ جامڪ چانڊيو جو رهواسي آهي جيڪو رات نظر محلا ۾ پنهنجي ڀاءُ عظمت چانڊيو جي گهر ۾ ترسيل هو جيڪو مسلسل عظمت چانڊيو ۽ سندس گهر ڀاتين کي زور ڀريندي چوندو هو ته توهان لاڙڪاڻي شهر مان لڏي ڳوٺ جامڪ چانڊيو اچو جتي اسان توهان کي رهائش لاءِ زمين به ڏينداسين، انڪار تي سعيد چانڊيو پنهنجي هٿياربند ساٿين سان گڏجي فائرنگ ڪري ننڊ ستل ٻن نياڻين حفيظان ۽ فرحه کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.
ٻنهي ڀينرن جي تدفين ڳوٺ جام چانڊيو ۾ ڪئي وئي
لاڙڪاڻو: ٻئي طرف اسپتال انتظاميه ضروري ڪارروائي بعد مقتولا ڀينرن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي لاش ايمبولينس ذريعي کڻائي لالورائنڪ ڀرسان ڳوٺ جامڪ چانڊيو روانا ٿي ويا جنهن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جنهن بعد مقتولا ڀينرن جي جنازي نماز ادا ڪري سندن جا مڙهه ڳوٺ ڀرسان جکر قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا.