لاڙڪاڻي ۾نينگر سان بدفعلي معاملي تان پڦاٽن ۽ ماروٽن ۾ جهيڙو، پيءُ پٽ ۽ 2 ڀائر قتل
جُولاءِ 12, 2024
لاڙڪاڻو(رپورٽ:نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ نائچ ۾ نينگر سان مبينا طور بدفعلي واري معاملي تان پڦاٽن ۽ ماروٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو. فائرنگ ۾ هڪ ئي ڌر سان واسطو رکندڙ پيرسن شمن زنگيجو سندس 28 ورهين جو پٽ شوڪت زنگيجو سميت ٻه ڀائر 40 ورهين جو علي حسن زنگيجو ۽ 38 ورهين جو علي اڪبر زنگيجو ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته ٻي ڌر جو وقار زنگيجو سخت زخمي ٿي پيو، واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو، علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا، اهڙو اطلاع ملڻ تي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي گهرن مان تلاشي ورتي بعد ۾ لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال جي مارچري وارڊ منتقل ڪري ڇڏيا. ان موقعي تي مقتول شمن علي زنگيجو جي گهر واري زرينه زنگيجو روئيندي قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ڳوٺ نائچ ۾ ننڍڙن ٻارن جو پاڻ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن کان پوءِ اسان جي ڌر جا مرد ميڙ وٺي بااثرن جي گهر وڃي کين منٿون ڪيون جنهن تي بااثرن فيصلي لاءِ راضپو ڏيکارڻ بعد صبح سوير هٿيارن سان اسان جي گهر مٿان حملو ڪري انڌانڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ منهنجو مڙس شمن علي زنگيجو، پٽ شوڪت زنگيجو، ڀائر علي حسن زنگيجو ۽ علي اڪبر زنگيجو قتل ٿي ويا. هن چيو ته رشيد وڳڻ پوليس اسان جي چئن مقتولن جي قتل ۾ ملوث هڪ به قاتل کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. قاتلن کي گرفتار ڪري مڙس، پٽ ۽ ڀائرن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف اسپتال انتظاميه ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن واقعي بعد پوليس هڪ جوابدار وقار زنگيجو کي حراست ۾ وٺي علاج لاءِ ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو آهي جتي جوابدار جو علاج پڻ هلندڙ آهي.
هڪ عورت سميت 5 ڄڻا گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا آهن: پوليس
لاڙڪاڻو: واقعي بابت ڊي ايس پي صدر حنيف کوسو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳوٺ نائچ ۾ زنگيجا ذات جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جتي هڪ ڌر فائرنگ ڪري هڪ ئي ڌر جا 4 ڄڻا قتل ڪري ڇڏيا آهن، واقعي بعد ڇاپو هڻي هڪ عورت سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ڇاپي دوران ڪجهه هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن ۽ گهربل جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ٽيڪنيڪل طريقي سان ڳولا ڪئي پئي وڃي جتي به خبر پئجي ويندي ته اتي ڇاپو هڻي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ هڪ به قاتل کي معاف نه ڪيو ويندو.
جاچ ڪاميٽي جي سربراهه متاثرن وٽ پهچي تفصيل ورتا
لاڙڪاڻو: ايس پي هيڊڪوارٽر پوليس اٽالن سان گڏجي اٽالا ساڻ ڪري ڳوٺ نائچ پهتو جتي هن پيش آيل واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري متاثر ڌر سان ملاقات ڪئي ۽ مقتول جي وارثن کي آٿت ڏني ته قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي ۽ ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو.
ايس ايس پي واقعي جو نوٽيس ورتو، جاچ ڪاميٽي قائم
لاڙڪاڻو: ايس ايس پي روحل کوسو واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس پي هيڊڪوارٽر حسيب جاويد سومار ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ جاچ ٽيم جوڙي ورتي آهي جنهن ۾ ڊي ايس پي صدر محمد حنيف کوسو، ڊي ايس پي باقراڻي غلام مصطفيٰ ابڙو، سي آءِ اي انچارج مزمل سومرو سميت مختلف ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز شامل آهن. هوڏانهن ايس پي هيڊڪوارٽر حسيب جاويد سومار ميمڻ ٽراما سينٽر پهچي مقتول جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان واقعي بابت تفصيل ورتا.