لاڙڪاڻي ۾ لڱ ساڙيندڙ گرمي، بجلي به بند، شهري بيحال، 30 اسپتال منتقل

جُولاءِ 11, 2024

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ لڱ ساڙيندڙ گرميءَ سبب متاثر 30 ڄڻن کي وارثن چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم هيٽ اسٽروڪ وارڊ ۾ منتقل ڪيو. هيٽ اسٽروڪ ۾ مبتلا بيبي تبسم، محمد اعظم، غلام اڪبر ڪلھوڙو، سهراب جوڻيجو، مجاهد علي سميت ٻيا شامل آهن، هيٽ اسٽروڪ ۾ مبتلا سمورن مريضن کي ڊاڪٽرن طبي امداد ڏني وئي جن جي حالت بهتر ٻڌائي پئي وڃي. ان حوالي سان چانڊڪا ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته ڪاڙهي واري گرمي ۾  غيرضروري گهرن مان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪري ٿڌيون شيون استعمال ڪيون وڃن ته جيئن گرمي کان بچي سگهجي. هوڏانهن گرمي جي شدت ۾ واڌ کانپوءِ سيپڪو طرفان لاڙڪاڻي شهر جي ڀينس ڪالوني، نظر محلا سميت ٻين علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جاري رهيو.

Leave A Comment