لاڙڪاڻي ۾ وياجين کان تنگ رٽائرڊ استاد آپگهات ڪري ڇڏيو، گهر ۾ ڪهرام
نومبر 2, 2024
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر ڀرسان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ کبڙائي شيخ ۾ ٽي سال اڳ رٽائرڊ ٿيل پيرسن انگريزي ماستر 7 ٻارن جي والد 63 ورهين جي شوڪت علي پٽ محمد پنهل شيخ وياج خورن جي ظلم کان تنگ اچي گهر اندر ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي اهڙي اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي خودڪشي ڪندڙ رٽائرڊ استاد جي ڀاءُ روشن علي شيخ ٻڌايو ته ڀاءُ شوڪت علي شيخ گورنمينٽ سينٽ جوزف هاءِ اسڪول ۾ انگريزي ماستر هو جنهن کي چار پٽ ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي جيڪو ٽي سال اڳ رٽائر ٿيو جنهن کان پوءِ هو مسلسل گهر ۾ پريشان رهندو آهي جنهن گهر اندر ڇت سان لڳل گيڊر سان ٻارن جي پينگهي جي رسي سان ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي. ان حوالي سان علائقي ۾ چوٻول آهن ته خودڪشي ڪندڙ رٽائرڊ ماستر شوڪت علي شيخ ڪجهه عرصو اڳ وياج خورن کان 10 لک روپيه وياج تي پئسا ورتا هئا جنهن کان پوءِ وياج خور 10 لک رپين بجاءِ کانئس 30 لک رپين جي گهر ڪري کيس مسلسل تنگ ڪندا هئا، جنهن ڪري رٽائرڊ استاد اهڙو قدم کنيو آهي. ان حوالي سان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته خودڪشي ڪندڙ رٽائرڊ انگريزي ماستر جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون. ٻئي پاسي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو