لاڙڪاڻي ۾ اغوا ٿيل شوروم مالڪ قتل، تشدد ٿيل لاش هٿ، 2 شڪي گرفتار
آڪٽوبر 5, 2024
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد ستون نمبر ناڪي واري علائقي مان گذريل جمعي رات دير سان مبينا اغوا ٿي ويل شوروم هلائيندڙ 40 ورهين جي پورهيت گدا حسين جتوئي جو تشدد ٿيل لاش 12 ڪلاڪن بعد آريجا ڦيڙهو ٿاڻي جي حد آريجا ڦيڙهو باءِ پاس وٽان پوليس هٿ ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، مقتول جي ڀائرن عبدالسميع جتوئي ۽ اياز جتوئي ٻڌايو ته اسان جي ڀاءُ گدا حسين جتوئي کي رات 8 وڳي مگسي ذات جي ٻن ماڻهن فون ڪري گهرايو ۽ ساڍي نائين وڳي ڀاءُ جي موٽرسائيڪل واپس گهر ڏئي ٻڌايو ته گدا حسين جتوئي آريجا باءِ پاس وٽ بيهوشي واري حالت ۾ پيل آهي، جنهن کي کڻائي وڃو، رات ڳولا ڪرڻ باوجود ڀاءُ جو ڏس پتو نه پئجي سگهيو، اسان حد جي وليد ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڳولا ڪئي ته ڀاءُ جو آخري لوڪيشن ڳوٺ گل محمد کوسا وٽ ملي، هنن ٻڌايو ته صبح جي وقت وليد ٿاڻي جي پوليس اسان کي اطلاع ڏنو ته گدا حسين جتوئي جو تشدد ٿيل لاش مليو آهي، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي پر ان جي باوجود ڀاءُ کي قتل ڪري وڏي ناجائزي ڪئي وئي آهي. جنهن ڀاءُ کي قتل ڪيو ان ئي موٽرسائيڪل ڏني. جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
مقتول پورهيت جو گرفتار ٻن ڄڻن سان لاڳاپن جو انڪشاف
لاڙڪاڻو: شوروم مالڪ گدا حسين جتوئي جي مبينا قتل وارو واقعو، پوليس ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته گدا حسين جتوئي ۽ گرفتار مبينا جوابدار وچ ۾ ويجها لاڳاپا هئا جنهن کان پوءِ پوليس جاچ جي دائري کي وڌائي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب لاڙڪاڻو پوليس شوروم مالڪ گدا حسين جتوئي واري واقعي ۾ ٻن ڄڻن احمد علي مگسي ۽ بلاول مگسي کي گرفتار ڪري جاچ جي دائري کي وڌائي ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن موجب شوروم جي مالڪ گدا حسين جتوئي جا گرفتار جوابدار احمد علي مگسي سان ويجها لاڳاپا هئا. پوليس ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته گرفتار جوابدار احمد مگسي پوليس جاچ ۾ ٻڌايو آهي ته گدا حسين جتوئي دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو آهي. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ هو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد حقيتون سامهون اچي وينديون، وارث جيئن ئي آيا ته انهن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪيو ويندو.
اغوا جو معاملو ناهي، ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري جاچ ڪريون پيا: ايس ايس پي
لاڙڪاڻو: ايس ايس پي روحل کوسو موجب ايس ايچ او وليد جي شروعاتي رپورٽ موجب مقتول گدا حسين جتوئي وارو واقعو اغوا جو معاملو ناهي، گدا حسين جتوئي جي ٻن نوجوانن سان دوستي هئي ۽ گدا حسين جتوئي انهن ٻنهي نوجوانن سان ساڻ هو، هن ڪيس سان ڳنڍيل ٻنهي جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، ٻنهي جوابدارن جي نشاندهي تي گدا حسين جو لاش هٿ ڪري پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي وڌيڪ قانوني ڪارروائي به جاري آهي.
واقعي جو ايس ايس پي نوٽيس ورتو، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو
لاڙڪاڻو: ڊي آءِ جي ناصر آفتاب اهڙي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سان رابطو ڪري کيس حڪم ڏنو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. ٻئي پاسي مقتول گدا حسين جتوئي جو لاش هٿ اچڻ واري معاملي جو ايس ايس پي روحل کوسو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او وليد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي