لطيف يونيورسٽي ۾ انتظامي بحران: 2 ڄڻا رجسٽرار هجڻ جا دعويدار، هڪٻئي جا آرڊر رد
جُون 6, 2024
سکر (بيورو رپورٽ) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ تڪرار تيز، هڪ يونيورسٽي ۾ ٻه رجسٽرار هئڻ جي دعويدارن وچ ۾ ليٽر بازي جو سلسلو هلندڙ، جاري ٿيل هڪ ٻئي جا ليٽر، نوٽيفڪيشن رد ڪرڻ ۾ رڌل، ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، خبر موجب شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي رجسٽرار نذير مڱڻيجو پاران آرڊر جاري ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته پروفيسر ڊاڪٽر فرمان علي منگي چيئرمين فزڪس پاڻ کي رجسٽرار ڄاڻائيندي جيڪي به حڪم جاري ڪري ٿو اهي جعلي ۽ غيرقانوني تصور ڪندي جعلي لکيا پڙهيا ۽ سمجهيا وڃن، اُن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جعلي ۽ غيرقانوني آهن، ٻئي پاسي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي استادن، آفيسرن ۽ ملازمن جي چونڊيل نمائندا ايسوسيئيشنس تي مشتمل جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران ڪالهه ڇهين ڏينهن به وائيس چانسلر طرفان زبردستي يونيورسٽي اچي جوائننگ ڪري وي سي جي ڪرسيءَ تي ويهڻ توڙي مختلف حڪم جاري ڪرڻ خلاف ايڊمن بلاڪ اڳيان سخت گرمي ۾ پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو، اڳواڻن پروفيسر ڊاڪٽر اختيار علي گهمرو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اخلاقي اقدار وڃائيندڙ شخص هتي قابل قبول ناهين، نه ئي سندس سربراهي ۾ ڪم ڪار ڪري سگهجي ٿو، ھنن چيو ته هو هتي بار بار اچي نه صرف يونيورسٽي جو پرامن تدريسي ۽ انتظامي ماحول خراب ڪري رهيو آهي پر گڏوگڏ اداري اندر شديد انتشار ۽ بدمزگي ڦهلائي ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي هٿي ڏئي رهيو آهي، ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته اگر هتي ڪجھه به ٿيو ته ان جو ذميوار جبري موڪل تي اماڻيل وائيس چانسلر ئي هوندو، هن صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جي بيان جي جنهن ۾ ھن اڳوڻي وائيس چانسلر جي زبردستي جوائننگ کي غيرقانوني قرار ڏنو آهي، ڀليڪار ڪندي مطالبو ڪيو ته جبري موڪل تي اماڻيل وائيس چانسلر کي مستقل بنيادن تي گهر ڀيڙو ڪري اداري کي بچايو وڃي.