لطيف ورسٽي سياست جي ور چڙهيل: امتحان ملتوي، اڄ کان موڪلن جو اعلان، شاگرد پريشان
جُون 3, 2024
سکر (بيورو رپورٽ) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي آفيسرن، استادن ۽ ملازمن جي سياست جي ور چڙهي وئي، آچر موڪل واري ڏينهن هلندڙ امتحان ملتوي ڪرڻ بابت ٻيو نوٽيفڪيشن جاري، گرمي جون موڪلون 8 جون بدران اڄ جون کان ڪرڻ جو اعلان، شاگرد ۽ شاگردياڻيون مونجهاري جو شڪار ٿي ويون
تفصيل موجب شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل ابو پوٽو پاران جوائننگ وٺڻ کان پوءِ استادن، آفيسرن ۽ ملازمن جي ڌڙن ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن، يونيورسٽي جي رجسٽرار آچر موڪل واري ڏينهن ٻيو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي وڌندڙ گرمي ۽ لوڊ شيڊنگ سبب امتحان ملتوي ڪرڻ ۽ موڪلون طئي ڪيل تاريخ کان اڳ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، گذريل ڏينهن رجسٽرار پاران امتحان ملتوي ڪرڻ بعد وائيس چانسلر جي هدايتن تي امتحان جاري رهڻ ۽ رجسٽرار جي آرڊر کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي پڌرائي جاري ٿيڻ کانپوءِ رجسٽرار پاران ڪالهه ترجمان کي ئي هٽائي نئون ترجمان مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي
نئين ترجمان پاران موڪل واري ڏينهن جاري ڪيل رجسٽرار جي نوٽيفڪيشن متعلق پڌرائي جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته ڊينز، ڊائريڪٽر، چيئرمين ۽ انتظامي عملدارن جي آن لائين گڏيل مشاورت بعد يونيورسٽي جي ساليانو گرمين جي موڪلن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور شهداد ڪوٽ، گهوٽڪي ڪيمپسز جون ساليانو موڪلون 3 جون کان 2 آگسٽ تائين ٿينديون، موڪلون مڪمل ٿيڻ بعد پيپر ورتا ويندا، 80 سيڪڙو امتحان مڪمل ٿي ويا آهن رهيل 20 سيڪڙو پيپر آگسٽ جي پهرين هفتي ٻيهر تدريسي عمل شروع ڪرڻ بعد ٿيندا
هاسٽل بند ۽ امتحان ملتوي ڪرڻ خلاف شاگردن جو ڌرڻو
سکر: شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگردن پاران هاسٽل بند ڪرڻ، امتحان ملتوي ڪرڻ واري نوٽيفڪيشن خلاف ريلي ڪڍي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو، شاگردن تعليم کپي تالا نه کپن نعريبازي ڪئي، شاگردن جو چوڻ آهي ته جاري امتحان ذاتي مفادن ڪري ملتوي ڪرڻ ۽ زبردستي شاگردن کان هاسٽل خالي ڪرائڻ واري عمل جي مذمت ڪريون ٿا، فوري طور تي رهيل پيپرز ورتا وڃن. ان بعد موڪلن جو اعلان ڪيو وڃي
هڪ ڌڙي پاران امتحان مقرر تاريخ تي وٺڻ جو اعلان، سوشل ميڊيا تي پڌرائي
سکر: استادن، آفيسرن ۽ ملازمن جي ٻئي تنظيم پاران امتحان مقرر تاريخ تي وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، يعني اڄ سومر ڏينهن جيڪي پيپر ٿيڻا آهن اهي معمول موجب وٺڻ لاءِ سوشل ميڊيا ذريعي شاگردن لاءِ اعلان ڪيو ويو آهي، استادن، آفيسرن ۽ ملازمن جي تنظيمن وچ ۾ اختلافن سبب شاگرد ۽ شاگردياڻين ۾ مونجهارو پيدا ٿيل آهي