قانون واري وزارت جسٽس شوڪت صديقي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو

مَي 7, 2024

قانون واري وزارت جسٽس شوڪت صديقي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو، شوڪت صديقي جي برطرفي کي رٽائرمينٽ ۾ تبديل ڪرڻ جو باضابطه نوٽيفڪيشن به جاري، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته شوڪت عزيز صديقي جي رٽائرمينٽ 30 جون 2021 کان تصور ڪئي ويندي، قانون واري وزارت پاران جسٽس شوڪت صديقي جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري، صدر آصف علي زرداري جي منظوري بعد ٻئي نوٽيفڪيشنز جاري ڪيا ويا، صدر وزيراعظم جي ايڊوائيز تي قانون ۽ انصاف واري وزارت جي تجويز ڪيل نوٽيفڪيشنز جي منظوري ڏني هئي

Leave A Comment