لڪي مروت ۾ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 11 دهشتگرد مارجي ويا

جُون 11, 2024

لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز تازو آءِ اي ڊي ڌماڪي جي حوالي سان آپريشن ڪيو. ڌماڪي ۾ ڪيپٽن محمد فراز الياس سميت 7 جوان شهيد ٿي ويا

آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران دهشتگردن جا ڪيترائي ٿاڪ به تباهه ڪيا ويا
آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز موثر طريقي سان دهشتگردن جي ٺڪاڻن جو پتو لڳايو
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته واقعي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو

وزيراعظم شهباز شريف 11 دهشتگردن کي مارڻ تي سڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي

وزيراعظم جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي بهادر جوانن دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن ڪيو. سڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هميشه لوهي ديوار ثابت ٿيون آهن

وزيراعظم جو چوڻ آهي ته پوري قوم سڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺي آهي، پاڪ فوج جي شهيدن ۽ ويڙهاڪن کي سلام پيش ڪريون ٿا

Leave A Comment