لبنان ۽ غزه تي اسرائيلي بمباري جاري: 133 ڄڻا شهيد، ڀارتي هٿيار ۽ گاڏيون استعمال جو انڪشاف

آڪٽوبر 1, 2024

بيروت/ غزه/ واشنگٽن(م ڊ) اسرائيلي فوج طرفان لبنان جي مختلف علائقن ۾ بمباري جو سلسلو جاري آهي، بيروت جي شهري علائقي ۾ رهائشي عمارت کي به هوائي حملي جو نشانو بڻايو ويو. 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 105 ماڻهو شهيد ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، لبناني صحت واري وزارت موجب وادي بقاع ۽ عين الدلب جي علائقن تي بمباري ڪئي وئي. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج طرفان حزب الله جي 120 ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، جڏهن ته يمن جي ساحلي شهر الحديده تي به وڏو هوائي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 4 يمني شهيد ۽ 29 زخمي ٿي پيا. هوڏانهن غزه تي اسرائيلي بربريت ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي، اسرائيل جي غزه تي حملن ۾ وڌيڪ 28 فلسطيني شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج طرفان هندستاني جنگي هٿيارن ۽ گاڏين سان گڏ لبنان جي سرحد طرف اڳڀرائي جاري آهي جنهن سان لبنان تي زميني حملي جا خدشا وڌندا پيا وڃن. هوڏانهن آمريڪي صدر جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ وڏي جنگ کان بچڻو پوندو اهو سڀني لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي. هوڏانهن  حزب الله جي سيڪريٽري جنرل حسن نصرالله جي شهادت کانپوءِ تنظيم جي عبوري سربراهه ۽ ڊپٽي چيف نعيم قاسم پنهنجي پهرئين خطاب ۾ مقصدن تان پوئتي هٽڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تقرير ۾ نعيم قاسم چيو ته اسان پنهنجو ليڊر ۽ ڀاءُ وڃايو آهي، جيڪو پنهنجي ويڙهاڪن سان پيار ڪندو هو. هن چيو ته اسان دير ڪرڻ بدران جلد طريقي ڪار موجب پنهنجي نئين سربراهه جي چونڊ ڪنداسين ۽ لبنان جي حفاظت ۽ غزا جي حمايت جي مقصد تان پوئتي نه هٽنداسين. سندس چوڻ هو ته اسان جون ڪارروائيون نه رڳو جاري رهنديون پر انهن ۾ واڌ ٿيندي، جيڪڏهن اسرائيل لبنان ۾ زميني ڪارروائي ڪري ٿو ته اسان ان لاءِ تيار آهيون، اسرائيل پنهنجي مقصدن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندو

Leave A Comment