قانونسازي لاءِ نهن چوٽي جا زور، اسلام آباد سياسي هلچل جو مرڪز: ڪابينا، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اجلاس رات دير سان ملتوي
سيپٽمبر 16, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران قانونسازي لاءِ نهن چوٽي جا زور، اسلام آباد سڄو ڏينهن سياسي هلچل جو مرڪز بڻيل رهيو، رات دير سان وفاقي ڪابينا، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اجلاس ملتوي ڪيا ويا، پارلياماني خصوصي ڪاميٽي جو اجلاس چوٿون ڀيرو ٿيو. وفاقي حڪومت لاءِ آئيني ترميم جي منظوري وڏو چيلنج بڻجي وئي، جنهن ڪري اسلام آباد سياسي سرگرمين جو ڳڙهه بڻجي ويو، آئيني ترميمن لاءِ مولانا فضل الرحمان گيم چينجر بڻجي ويو، جي يو آءِ ف سربراهه وٽ حڪومت ۽ اپوزيشن جا لاڳيتو چڪر، مولانا فضل الرحمان سان ملاقات بعد حڪومتي وفد واپس روانو ٿي ويو، اُن کانپوءِ پي ٽي آءِ جَي وفد مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، آئيني ترميمن جي مسودي ۽ ووٽ جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پ پ اڳواڻن به فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، وزيراعظم شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي به مولانا فضل الرحمان سان ملاقات رٿيل آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته جي يو آءِ ف سربراهه جا حڪومت سان معاملا آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن، مولانا فضل الرحمان آئيني ترميمن جي حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ تي گهڻي ڀاڱي راضي ٿي ويو. وفاقي ڪابينا جو اجلاس ڪالهه صبح جو 11 وڳي طلب ڪيو ويو هو، جيڪو بعد ۾ منجهد جو 3 وڳي گهرايو ويو، رات جو ساڍي ڏهين وڳي ڪابينا اجلاس ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو ، ڪابينا آئيني پيڪيج جي منظوري ڏيندي. جڏهن ته قومي اسيمبلي جو وقت 3 ڀيرا تبديل ڪيو ويو، قومي اسيمبلي جو اجلاس ساڍا 11 وڳي طلب ڪيو ويو هو پر وقت تبديل ڪري شام 4 وڳي رکيو ويو، رات 10 جو ٽائيم ڏنو ويو، پر رات 11 کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو ۽ اجلاس اڄ صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. سينيٽ اجلاس جو وقت ٻه ڀيرا تبديل ڪيو ويو، پهريان شام 4 وڳي پوءِ شام 7 وڳي جو وقت ڏنو ويو پر بعد ۾ وري رات 10 وڳي جو ٽائيم ڏنو ويو. پر رات 11 وڳي سينيٽ اجلاس به ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ اڄ ساڍي 12 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، پارلياماني خصوصي ڪاميٽي جو اجلاس به بار بار ملتوي ٿيندو رهيو، ميثاق پارليامينٽ لاءِٺاهيل ڪاميٽي ۾ آئيني ترميمن جا معاملا ايندا رهيا، ڪاميٽي جو چوٿون ڀيرو اجلاس ٿيو جنهن ۾ فضل الرحمان به شريڪ ٿيو.