لينس ڊائون پل کي سنواري نصاب ۾ شامل ڪرڻ ۽ دائود پوٽالائبريري جو قبضو هٽائڻ جو حڪم

جُون 26, 2024

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ علامه دائود پوٽالائبريري جي عمارت جي هڪ حصي جو قبضو خالي نه ڪرائڻ تي ڪمشنر حيدرآباد تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪم تي عمل ڇو ناهي  ٿيو ؟ عدالت وارننگ ڏيندي چيو ته علامه دائود پوٽا لائبريري جو مرمتي ڪم ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرايو وڃي، عدالت  لائبريري اڳيان مين روڊ تي اسپيڊ بريڪر ٺاهڻ جو به حڪم ڏيندي چيو ته لائبرري جي سامهون ٽريفڪ جي رش سبب ڪنهن به اڻوڻندڙ ​​واقعي کان بچڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، عدالت  سنڌ جي لائبريرين کي سولر سسٽم تي منتقل ڪرڻ بابت توانائي سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي،  عدالت علامه دائود پوٽا لائبريري جي بجلي بند ڪرڻ تان  حيسڪو چيف کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي چيو ته عدالتي حڪم باوجود بجلي ڇو بند ڪئي وئي؟ عدالت حيسڪو چيف کي علامه دائود پوٽا لائبريري کي سولر تي منتقل ڪرڻ تائين بجلي جي فراهمي کي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت  چيو ته جيڪڏهن آئينده لائبريري جي بجلي بند ڪئي وئي ته ذميوارن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻڌڻي دوران  آفيسرن چيو ته سرڪاري لائبريرين لاءِ اضافي ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪرڻ ۽ الڳ بجيٽ مختص ڪرڻ لاءِ وڏي وزير کي سمري موڪلي آهي، هاءِ ڪورٽ دادو ۾ لائبريري جي هڪ حصي ۾ قائم ٿيل اطلاعات کاتي جي آفيس کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو، عدلت چيو ته فيصلي تي  عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڊپٽي ڪمشنر دادو کي پيش ٿيڻو پوندو، عدالت ثقافت کاتي ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز کي پيتامبر هاسٽل لائبريري جو معائنو ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ  جو حڪم ڏنو ، عدالت شڪارپور جي چڪ شهر ۾ لائبريري جي توسيع وارو مامرو ٻن مهينن اندر اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت گهوٽڪي جي   ڊپٽي ڪمشنر کان ضلعي ۾ هلندڙ لائبريرين جا تفصيل  طلب ڪري ورتا،عدالت سکر جي تاريخي لينس ڊائون پل کي عوام جي سير لاءِ پرڪشش بڻائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته  لينس ڊائون پل جي تاريخي اهميت کي نظر ۾ رکندي انهي کي نصاب جو حصو بڻايو وڃي، عدالت کپري جي ڳوٺ بانڪو چانهيو واري  اسڪول بابت جوڊيشل مئجسٽريٽ کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي,عدالت تعليم کاتي کي چونڊڪو ۾ غير فعال ڪاليج جو قبضو حاصل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪري ڇڏي، عدالت چيو ته انهي ڪاليج کي آءِ بي اي سکر يا ڪنهن ٻئي خانگي اداري جي مدد سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائي سگهجي ٿو،  عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 24 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave A Comment