بجيٽ تي ڳالهيون هلن پيون، اميدآهي ته شهباز شريف پ پ سان ڪيل واعدا پورا ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري
جُون 22, 2024
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڪراچي جي عوام سان گڏجي شهر جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهيان، سنڌ جي غريب عوام کي مفت سولر جي سهوليت فراهم ڪنداسين ته جيئن لوڊشيڊنگ کان سندن جان ڇُٽي پوي. وفاقي بجيٽ واري معاملي تي حڪومت سان ڳالهيون هلن پيون، اميد آهي ته ڪو حل نڪرندو، ڇاڪاڻ ته اسان سڀني کي گڏجي معيشت سنڀالڻي آهي. ڪالهه لياري ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي مناسبت سان ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان ٽن نسلن کان ڪراچي جي خدمت ڪئي، لياري جي عوام سان گڏجي ٻن آمرن جو مقابلو ڪيو پر شهرين کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو. بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن کان سياست ۾ آيو آهيان، تڏهن کان ڪراچي جي عوام سان گڏجي جدوجهد ڪري رهيو آهيان، جنهن شهر ۾ بينظير ۽ آئون پيدا ٿيا آهيون، انهي شهر جي ترقي لاءِ شهرين سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته اسان عوام جي مدد سان هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي آهي، مون وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي شهر جي مسئلن جي حل تي خاص ڌيان ڏئي. هن چيو ته وڏي وزير ۽ سندس ٽيم نگران حڪومت ۾ پيدا ٿيل مسئلن کي حل ڪيو، امن امان جي حوالي سان به سنڌ ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ۽ سندس ٽيم ڪم ڪري پئي. اسان کي انهي جا نتيجا به ملي رهيا آهن، اميد آهي ته اڳتي به بهتري ايندي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته مُلڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو آهي، خاص طور تي سنڌ، بلوچستان، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ 16 کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي، مٿان وري عوام کي ڳرا بِل اماڻيا وڃن ٿا، جيڪي عوام ادا ئي نه ٿو ڪري سگھي. هن چيو ته بجلي فراهمي وارن وفاقي ادارن تان عوام جو اعتماد کڄي رهيو آهي، ان ڪري اسان سوچيو ته اهڙو منصوبو کڻي اچون جنهن سان عوام جي مدد ٿي سگھي، اسان سنڌ ۾ غريب عوام کي مفت سولر جي سهوليت ڏينداسين. هن چيو ته مُلڪ جون معاشي حالتون سڀني جي سامهون آهن، حڪومت انهن حالتن مان مُلڪ کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اسان سمجهون ٿا ته بهتري ائين ٿئي ها ته موجوده وفاقي حڪومت سمورن اتحادين خاص طور تي پيپلز پارٽي سان ڳالهائي بجيٽ ٺاهي ها، اسان به پنهنجن مسئلن بابت به حڪومت کي آگاهه ڪريون ها، بجيٽ ٺاهڻ وقت جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي راءِ ورتي وڃي ها ته بهتر انداز ۾ اڳتي وڌي سگھون ها، هن ڏکئي وقت ۾ اسان سڀني کي گڏجي مُلڪي معيشت کي بچائڻو آهي، هن چيو ته اسان جا نمائندا اسلام آباد ۾ حڪومت سان گڏ ويٺل آهن، پيپلز پارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ جيڪو ٿي سگھي، هاڻي ئي ٿئي ته جيئن اسان گڏجي بجيٽ منظور ڪري سگھون ۽ مُلڪ کي هن معاشي ڏکيائين کان ٻاهر ڪڍي سگھون، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته مون کي وزيراعظم شهباز شريف مان اميد آهي، سندس نيت به صاف آهي هُو پيپلز پارٽي سان ڪيل واعدا پورا ڪري ڏيکاريندو. هن چيو ته جيستائين عوام کي حق نه ڏيارينداسين، تيستائين عوام لاءِ آواز اٿاريندا رهنداسين. هن چيو ته سياسي جماعتون پنهنجي انا لاءِ پاڪستان کي نقصان پهچائين پيون، اسلام آباد جا سياستدان هڪٻئي سان هٿ ملائڻ يا ڳالهين لاءِ تيار ناهن، معاشري ۾ نفرت ڦهلائي پئي وڃي، هن چيو ته بينظير عوام سان گڏجي آمرن جو مقابلو ڪيو