لائيو اسٽاڪ ۾ ڀرتين، ترقين ۽ خريداري ۾ ڪرپشن بابت جاچ شروع: 4 ڪامورا راڊار هيٺ
آڪٽوبر 5, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) نيب پاران لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين، ترقين ۽ خريداري ۾ ڪرپشن بابت جاچ شروع، اڳوڻو سيڪريٽري، موجوده ۽ اڳوڻا ڊي جي راڊار هيٺ، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب نيب پاران لائيو اسٽاڪ کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري حفيظ سيال، ،موجوده ڊي جي حزب الله ڀٽو، اڳوڻي ڊي جي نظير ڪلهوڙو ۽ ڊاڪٽر احتشام الحق جي دور ۾ غيرقانوني ڀرتين ترقين، دوائن جي خريداري ۾ ڪرپشن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، نيب ذريعن موجب چئني آفيسرن جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي کي به جاچ جو حصو بڻايو ويو آهي، ذريعن موجب نيب پاران سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي خط لکي لائيو اسٽاڪ ۾ ڀرتين، ترقين ۽ خريداري بابت تفصيل گهري ورتا آهن، نيب ذريعن موجب اڳوڻي سيڪريٽري حفيظ سيال، اڳوڻي ڊي جي نظير ڪلهوڙو ۽ موجوده ڊي جي حزب الله ڀٽو جي دورن ۾ جانورن لاءِ دوائن ، مال جي چاري ۽ ٻين شين جي خريداري ۾ رولز جي ڀڃڪڙِي ڪندي ڪروڙن جي ڪرپشن ڪئي وئي، ساڳئي دور ۾ هيٺين گريڊ جي ملازمن جون وڏي انگ ۾ ڀرتين ڪرڻ سان گڏ من پسند ملازمن کي مٿين گريڊن ۾ ترقيون ڏنيون ويون، ذريعن ٻڌيو ته موجوده ڊي جي لائيو اسٽاڪ حزب الله ڀٽو خلاف سال 2021 کان 2024 تائين دوائن جي خريداري ۾ ڪرپشن واري مامري بابت اينٽي ڪرپشن ۾ به انڪوائري هلندڙ آهي، اينٽي ڪرپشن پاران کانئس ٽن سالن جي خريداري وارو رڪارڊ گھرايو ويو آَهي، هن وقت تائين اينٽي ڪرپشن جي انڪوائري ڪاميٽي وٽ اهڙو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته جاچ هيٺ آيل تڏهوڪو سيڪريٽري حفيظ سيال پنهنجي ملازمت جو مُدو مڪمل ڪري تازو رٽائرڊ ٿي ويو آهي