لائيواسٽاڪ پاران سوا 2 ڪروڙ جانورن جي وئڪسينيشن جي دعويٰ، مالوندن جي ترديد

جُولاءِ 10, 2024

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي پاران جانورن کي مختلف بيمارين کان بچاءُ جا ٽڪا هڻڻ ۽ دوائون ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. لائيو اسٽاڪ کاتي دعويٰ ڪئي آهي ته هلندڙ سال جون ۽ جولاءِ دوران 2 ڪروڙ 55 لک 57 هزار 983 جانورن کي مختلف بيمارين کان بچاءُ جي ويڪسين ڪئي وئي جنهن ۾ گل گهوٽو، منهن کر، ڪاري ڄنگهه، ٺڪاڻ، ٿڻن تي سوڄ، رتاوان دست، ارڙي، ڦڦڙي، رڍن جي ماتا، داڻن جي بيماري ۽ جانورن کي ڇتي ٿيڻ کان بچاءُ جون بيماريون شامل آهن. لائيو اسٽاڪ کاتي جي پڌرائي مطابق 14 لک 49 هزار 249 جانورن کي معدي، جگر، ڦڦڙ ۽ آنڊن جي ڪيڙن کان بچاءُ لاءِ دوا پياري وئي ۽ 16 لک 22 هزار 608 جانورن جو علاج به ڪيو ويو. ان کانسواءِ نومبر 2023ع کان جون 2024ع تائين ڪانگو وائرس پکڙجڻ کان بچاءُ لاءِ احتياطي اپائن تحت 18 هزار 533 فارمن ۾ اسپري ڪرايو ويو ۽ 4 لک 8 هزار 189 جانورن کي اسپري ڪيو ويو. 4 لک 16 هزار 941 جانورن کي ڪيڙا مار دوا پياري وئي ۽ 11 هزار 920 آگاهي گڏجاڻيون ڪيون ويون. ٻئي طرف مالوند ماڻهن جو چوڻ آهي ته لائيو اسٽاڪ کاتي پاران جانورن کي بيمارين کان بچاءُ جي مهم شروع نه ڪئي وئي آهي جنهن سبب ڪيترائي جانور بيمارين ۾ مبتلا آهن. لائيو اسٽاڪ کاتي پاران گهر ويٺي انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته مال جي بيمارين سبب مالوند ماڻهن کي وڏو نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.

Leave A Comment