لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ انڌير نگري: 132 وٽرنري ڊاڪٽر ڪميشن امتحان بِنا مستقل ٿي ويا
نومبر 8, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي ۾ انڌير نگري: 17هين گريڊ ۾ ايڊهاڪ بنيادن تي ڀرتي ڪيل 132 وٽرنري ڊاڪٽرن کي پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان بِنا مستقل ڪرڻ جو اسڪينڊل ظاهر، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو لائيو اسٽاڪ جي سيڪريٽري کان پڇاڻو، ڊي جي آڊٽ سنڌ کان 10 ڏينهن اندر آڊٽ پيراز جي ويريفڪيشن ڪرائڻ جي هدايت ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب لائيو اسٽاڪ کاتي جي اختيارين سمورن قاعدن ۽ ضابطن کي پاسيرو رکي 132 وٽرنري ڊاڪٽرن کي مستقل ڪري ڇڏيو، جنهن تي سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل آڊٽ سنگين اعتراض لڳائيندي اهڙي عمل کي ضابطن جي خلاف ورزي قرار ڏئي ڇڏيو . ان سلسلي ۾ ڪالهه سنڌ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سال 2018ع کان 2021ع تائين مختلف آڊٽ پيراز جو جائزو ورتو ويو، اجلاس دوران اهو اسڪينڊل ظاهر ٿيو ته سال 2015ع ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي اختيارين پاران ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل 132 وٽرنري ڊاڪٽرن کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان بنا سال 2018ع ۾ مستقل ڪيو ويو، آڊٽ اختيارين جي سنگين اعتراضن تي لائيو اسٽاڪ جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي اجلاس کي ٻڌايو ته وٽرنري پراجيڪٽ هيٺ 2015ع ۾ 132 وٽرنري ڊاڪٽرن کي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو ويو هو، سنڌ اسيمبليءَ مان ايڪٽ منظور ٿيڻ کانپوءِ مجاز اٿارٽي جي منظوريءَ سان انهن 132 وٽرنري ڊاڪٽرن کي سال 2018ع ۾ ريگيولر ڪيو ويو، جنهن جو سڄو رڪارڊ موجود آهي. جنهن تي پي اي سي چيئرمين سوال اٿاريو ته جيڪڏهن وٽرنري ڊاڪٽرن کي سنڌ اسيمبليءَ جي قانون تحت مستقل ڪيو ويو ته پوءِ کاتي پاران آڊٽ اختيارين کان رڪارڊ جي تصديق ڇو ناهي ڪرائي وئي ؟ اسان آڊٽ کان رڪارڊ جي ويريفڪيشن بنا آڊٽ پيرا کي سيٽل نه ڪنداسين. پي اي سي ميمبر قاسم سراج سومرو چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي ته ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان بنا مستقل نٿا ٿي سگهن. ان موقعي تي پي اي سي جي سيڪريٽري محمد خان رند چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي ته ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي لاءِ به اشتهار ڏيڻ ضروري هوندو آهي. ان موقعي تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڊي جي آڊٽ سنڌ کان آڊٽ پيراز جي 10 ڏينهن اندر ويريفڪيشن ڪرائي وڃي
لائيواسٽاڪ کاتي پاران 150 وٽرنري ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ جون تياريون
ڪراچي: لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ 17هين گريڊ جي وٽرنري ڊاڪٽرن جون هڪ هزار پوسٽون منظور ٿيل، 150 وٽرنري ڊاڪٽرن جي کوٽ بابت سنڌ حڪومت کي آگاهي ڏني وئي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي 17هين گريڊ جي وٽرنري ڊاڪٽرن جون ڀرتيون نه ٿيڻ ڪري کاتي ۾ 150 وٽرنري ڊاڪٽرن جي کوٽ پيدا ٿيل آهي. ان حوالي سان لائيو اسٽاڪ اختيارين پاران سنڌ حڪومت کي آگاهي ڏني وئي آهي ته کاتي ۾ 17هين گريڊ جي وٽرنري ڊاڪٽرن جي منظور ٿيل پوسٽن جو انگ هڪ هزار آهي، هن وقت کاتي وٽ رڳو 850 ڊاڪٽر آهن، 150 ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي
غريبن ۾ ڍڳيون ورهائڻ واري منصوبي جا 2 ارب ليپس ٿي ويا!
ڪراچي: غريبن لاءِ ڍڳيون خريد ڪري ورهائڻ واري منصوبي لاءِ 2 ارب رپين جي رقم 2 سالن تائين ڪتب نه اچڻ ڪري ليپس ٿي وئي! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب مالي سال 2018_19 ۽ 2019_20ع دوران سنڌ حڪومت پاران لائيو اسٽاڪ کاتي لاءِ بجيٽ ۾ هڪ هڪ ارب رپين جي رقم مختص ڪئي هئي، لائيو اسٽاڪ کاتي کي هر سال ڍڳيون خريد ڪري غريبن ۾ ورهائڻيون هيون. لائيو اسٽاڪ کاتي جي اختيارين پاران ٻنهي مالي سالن ۾ هڪ رپيو به ڪتب نه آندو ويو، جنهن ڪري اها رقم ليپس ٿيندي رهي. جنهن ڪري سنڌ ۾ ڪنهن به غريب ماڻهو کي انهي ميگا منصوبي مان ڪو به فائدو نه ٿي سگھيو