قرضن تي وياج ٽيڪس آمدني کان وڌي ويو: معيشت تي بار قرار: پاڪستان خرچ گھٽائي: آءِ ايم ايف

مَي 18, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) نئين بيل آئوٽ پيڪيج تي جاري ڳالهين دوران پاڪستان مٿان قرضن  تي هر سال ادا ٿيندڙ  وياج جي رقم  کي پاڪستان جي معيشت تي وڏو بار قرار ڏئي ڇڏيو آهي

ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان جي قرضن تي وياج جي ادائيگي وفاق جي خالص ٽيڪس آمدني کان وڌي وئي آهي، قرضن تي وياج  جي ادائيگي وفاقي حڪومت جي خالص ٽيڪس آمدني کان 205 ارب رپيا وڌيڪ آھي

ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو آهي ته  رڳو پهرين 9 مهينن ۾ اندروني ۽ بيروني قرضن تي 5 هزار 518 ارب رپيا وياج ادا ڪيو ويو، جولاءِ کان مارچ تائين وفاقي حڪومت جي خالص آمدني 5 هزار 313 ارب رپيا رڪارڊ ڪئي وئي.  ان موقعي تي آءِ ايم ايف پاڪستان کان خرچن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪندي چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ قرضن تي وياج 9 هزار 787 ارب رپين تائين پهچڻ جو امڪان آهي

ذريعن موجب ڳالهين ۾ ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال قرضن تي وياج  جي ادائيگي 8 هزار 371 ارب رپيا تائين وڃي سگهي ٿي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي هدف جي مقابلي ۾ 1 هزار 68 ارب اضافي خرچن جو خدشو آهي

ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو ته هن سال جي بجيٽ ۾ قرضن تي وياج ادا ڪرڻ جو هدف 7 هزار 303 ارب رکيو ويو هيو

ذريعن موجب آءِ ايم ايف  قرضن تي وياج جي ايتري ادائگي ۽ قرضن جي رقم  کي پاڪستان جي معاشي  استحڪام لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو

آءِ ايم ايف چيو ته پاڪستان جي قرضن ۾ گهٽتائي جو مدار پاليسين جي ڪامياب تسلسل تي آھي

Leave A Comment