ڪتابن جي ڇپائي ۾ 22 ڪروڙن جو نقصان، اسڪينڊل سامهون اچي ويو
آگسٽ 20, 2024
ڪراچي: مالي سال 2016_17ع ۾ به سنڌ ٽيڪسٽ بُوڪ بورڊ پاران ڪتابن جي ڇپائي لاءِ غلط ٺيڪا جاري ڪرڻ جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو
ان حوالي سان پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ آڊيٽر اختيارين چيو ته ڄاڻايل سال ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جن ٺيڪيدارن کي درسي ڪتاب جي ڇپائي جو ٺيڪو ڏنو انهن غلطيون ڪيون جنهن ڪري ڪتابن جي ڇپاِئي ۾ 22 ڪروڙن جو نقصان ٿيو، جڏهن ته آڊيٽر اختيارين جي اهڙن اعتراضن باوجود سنڌ ٽيسڪٽ بُوڪ بورڊ جون اختياريون پي اي سي اجلاس دوران ڪو مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگھيون.