ڀارتي پارليامينٽ جي هيٺئين ايوان لوڪ سڀا جي اليڪشن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ
اپريل 26, 2024
ڀارتي پارليامينٽ جي هيٺئين ايوان لوڪ سڀا جي اليڪشن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ، راهول گانڌي، هيما مالني ۽ ششي ٿاروڙ جي سياسي قسمت جو فيصلو اڄ ٿيندو، چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ آسام، بهار، ڇتيس ڳڙهه، ڪرناٽڪ، ڪيرالا، اولهه بنگال ۽ والاريل ڄمون ڪشمير سميت 13 رياستن جي 88 تڪن تي چونڊ لاءِ پولنگ جاري، ڪانگريس جو اڳواڻ راهول گانڌي ڪيرالا مان ٻيو ڀيرو اليڪشن وڙهي رهيو آهي، اتر پرديش ۾ مٿرا جي تڪ تان بالي ووڊ جي اڳوڻي اداڪارا ۽ بي جي پي اڳواڻ هيما مالني به ميدان ۾ لٿل آهي، هيما مالني مٿرا مان ٻه ڀيرا چونڊجي لوڪ سڀا ۾ پهچي چڪي آهي، هيل سندس مقابلو ڪانگريس جي مڪيش ڌنگر سان آهي، 543 رڪني لوڪ سڀا جي اليڪشن 7 مرحلن ۾ پوري ڪئي ويندي