ايم ڪيو ايم کي گورنر شپ سميت ٻه وزارتون ملڻ جو امڪان

مارچ 2, 2024

لاهور: ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي گورنر شپ ۽ ٻه کان ٽي وزارتون ملڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب (ن) ليگ ڪابينا ۾ وزيرن جو انگ گهٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن وفاقي ڪابينا ۾ وزيرن جو انگ 20 ٿي ويو ته ايم ڪيو ايم کي ٻه وزارتون ملڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم کي ميري ٽائيم وزارت ملي سگهي ٿي پر انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ملڻ جو ڪو به امڪان ناهي، جڏهن ته سنڌ جي گورنر شپ لاءِ نالي تي ايم ڪيو ايم ۾ ٻه رايا آهن.

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جو هڪ گروپ ڪامران ٽيسوري کي گورنر ۽ ٻيو گروپ خوش بخت شجاعت کي گورنر بڻائڻ چاهي ٿو.

Leave A Comment