شھري سنڌ لاءِ الڳ سيڪريٽريٽ کپي: ڀٽو جي نسل پرست حڪومت ڪوٽاسسٽم مڙهي ورڇ جو بنياد وڌو: متحده
جُولاءِ 1, 2024
ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) ايم ڪيو ايم پاڪستان ( متحده ) شھري سنڌ لاءِ الڳ سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي، ڪالھ ايم ڪيو ايم جي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 50 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 54 هزار نوڪرين بابت عدالتي فيصلو مهاجر نوجوانن لاءِ ٿڌي هوا ثابت ٿيو آهي، ڪوٽا سسٽم سنڌين ۽ مهاجرن وچ ۾ خال پيدا ڪيو، جنهن جوفائدو غريب ۽مظلوم سنڌين کي به نه ٿيو، ذوالفقار علي ڀٽو جي نسل پرست حڪومت ڪوٽاسسٽم لاڳو ڪري ورهاست جوبنياد وڌو، انصاف کان محرومي جي 50 سالن جي تاريخ آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي پنجاب ۾ واضح اڪثريت هجڻ باوجود رڳو سنڌ ۾ ڪوٽا نافذ ڪرڻ نسل پرست سوچ جي عڪاسي آهي، هنن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪوٽا سسٽم ۽ جاگيرداراڻي نظام خلاف پنهنجي جدوجهد شروع ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ آئيني ۽ قانوني ۽ ٻين طريقن سان عمل ڪيو ويندو، هنن چيو ته هڪ کان 15 گريڊ تائين جون نوڪريون ڪراچي جي مقامي ماڻهن کي ملڻ گهرجن، عدالت تعصب ۽ نسل پرستي جي بنياد تطي نوڪريون ڏيڻ واري عمل کي روڪيو آهي، خالد مقبول صديقي چيو ته جعلي ڊوميسائيل ٺاهي سنڌ جي شهري علائقن جي 80 سيڪڙو نوڪرين کي هڙپ ڪيو ويو، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر شهرن جو نوڪرين ۾ مجموعي طور تي 40 سيڪڙو حصو هو پر ان تي عمل نه ٿيو، انهن نوڪرين تي به قبضوڪيو ويو، اهڙي صورتحال بعد ڪراچي جي نوجوانن نوڪرين لاءِ اپلاءِ ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو، ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي نوجوانن لاءِ تعليم ۽ سرڪاري نوڪرين جا در ئي بند ڪيا ويا، جنهن سان سنڌ ۾ وسندڙ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن ۾ وڇوٽيون پيدا ٿيون آهن، هن چيو ته پ پ سرڪار پاران 54 هزار نوڪريون ورهايون پي ويون، سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته ٿورو ترسو، هن چيو ته اسان عدالتي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا