ماڙي جلباڻي سانحي کي هڪ سال گذري ويو، سادگي سان ورسي، هر اک آلي
سيپٽمبر 28, 2024
سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ ويجهو ماڙي جلباڻي جي شهيدن کي هڪ سال گذري ويو. سندن ونيون ۽ معصوم ٻارڙا ڳوٺاڻا اڄ به کين ياد ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺا. اڄ ماڙي جلباڻي جي شهيدن جي ورسي وارثن پاران سادگي سان ملهائي ويندي سندن آخري آرامگاهه تي چادرون چاڙهي دعا گهري ويندي. ڳوٺاڻا سوڳ ۾ ورتل سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ هڪ سال اڳ 28 سيپٽمبر تي قانون لاڳو ڪندڙ حساس ادارن ۽ پوليس پاران چڙهائي ڪري پورهيت غريب مسڪينن چئن ڳوٺاڻن جنهن ۾ ٻن سڳن ڀائرن نظام الدين جلباڻي ، امام بخش جلباڻي ، سجاول جلباڻي ، ميهار جلباڻي کي شهيد ڪيو ويو هو. جڏهن ته زخمين ۾ امام الدين ، الهداد ، سارنگ ۽ علي نواز شامل هئا. هڪ سال گذرڻ باوجود شهيدن جي وارثن جي ڏکن ۾ ڪمي نه اچي سگهي آهي. شهيدن کي پنهنجيون ونيون ۽ معصوم ٻارڙا ۽ والدين کين ياد ڪندي اڄ به لڙڪ نه ٿا روڪي سگهن. ماڙي جلباڻي پوليس کين دهشتگرد قرار ڏئي مٿن ڪيس پڻ داخل ڪيو هو. ان وقت جي گهرو وزير برگيڊيئر حارث نواز پاران ميڊيا کي بريفنگ دوران ٻڌايو هو ته حساس ادارن پوليس سان دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڇاپو هنيو جنهن دوران مزاحمت تي مذڪوره ڳوٺا دهشت گرد فائرنگ دوران مارجي ويا هئا. اهڙي واقعي بعد پاران شهيد جا وارث لاش سڪرنڊ قومي شاهراه تي رکي ٻن ڏينهن تائين ڌرڻو هنيو. ڌرڻي ۾ وارثن سان گڏ ايس يو پي سنڌ جي صدر سيد زين شاهه، جسم چيئرمين رياض چانڊيو ، جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي ، ايس ٽي پي اڳواڻ نثار ڪيريو ۽ اديب تاج جويو ، صوفي فنڪار مانجهي فقير ۽ ٻين پاران ڌرڻي ۾ شامل ٿي ويا هئا. ڌرڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر زاهد رند شهيدن جي وارثن ۽ قومپرست اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. جنهن بعد وارثن جي مرضي سان سخت احتجاج بعد راهب جلباڻي جي فرياد تي ماڙي جلباڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مٿان داخل ڪئي وئي هئي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو هو. جنهن بعد ان وقت جو وزير داخلا رٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز ۽ آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا ڳوٺ ماڙي جلباڻي پهچي تعزيت ڪندي واقعي کي غلطي قرار ڏيندي ڳوٺاڻن کي شهيد قرار ڏنو هو ۽ کين يقين ڏياريو هو ته انڪوائري ڪري توهان سان انصاف ڪيو ويندو. جنهن بعد ڪجهه ڌرين پاران وچ ۾ اچي ۾ متاثر ڌر جو حڪومت سان ٺاهه ڪرايو هو جنهن بعد نگران حڪومت پاران مالي سهائتا طور شهيدن جي وارثن کي هر هڪ کي 80 لک روپيه ۽ في زخمي کي 20 لک روپيه ڏنا هئا ڪجهه وقت بعد شهيدن جي وارثن ڪيس تان هٿ کنيو ويو هو. شهيدن جي وارث علي نواز ۽ امام الدين چيو ته اسان جا نوجوان بي گناهه شهيد ڪيا ويا هئا پر حڪومت سان وڙهي نه سگهياسون ان بعد ڪيسن تان هٿ کڻڻو پيو ۽ مجبورن حڪومت سان ٺاهه ڪيوسين. پر شهيدن جا ٻچا ۽ گهرواريون اڄ به افسوس ۾ ورتل آهن هو اڄ تائين آبديده نظر اچن ٿيون.ايس يو پي اڳواڻ ۽ شهيدن جي وارث گل جلباڻي چيو ته افسوسناڪ واقعو ٿيو پورهيتن کي شهيد ڪيو ويو پر سخت احتجاج بعد حڪومت هنن کي بي ڏوهي قرار ڏنو ۽ معاوضي جو اعلان ڪيو ۽ اعليٰ عملدارن اچي تعزيت دوران پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪيو.