مخدوم جميل الزمان جو پير پاڳاري سان رابطو، سنڌ جي معاملن تي جلد ملاقات تي اتفاق
آگسٽ 19, 2024
مٽياري(رپورٽ:ڪامران ميمڻ) سنڌ جي ٻن سياسي وڏن ۾ رابطو ٿيو آهي. ان ڏس ۾ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميلالزمان ۽ حرن جي روحاني پيشواپير پاڳاري وچ ۾ رابطو ٿيو آهي. ذريعن موجب ٻنهي روحاني گادين جي سربراهن ۾ ٽيلفيون تي رابطو ٿيو، جنهن دوران هڪ ٻئي کان طبيعت معلوم ڪئي وئي. پير پاڳاري ۽ مخدوم جميل الزمان ملڪ جي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني لاقانونيت ۽ امن امان جي خراب صورتحال تي به ڳالهه ٻول ڪئي وئي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سياسي معاشي ترقي طور پوئتي رهندڙ صوبي سنڌ جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻول ٿي. ذريعن موجب ٻنهي گادين جي سربراهن سنڌ جي بهتري، خوشحالي لاءِ مشاورت پڻ ڪئي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٻنهي روحاني پيشوائن وچ ۾ ملاقات جو به امڪان آهي. مخدوم هائوس جي ترجمان جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جي وچ ۾ ملاقات کان اڳ سنڌ جي ٻين ساٿين سان رابطو ڪرڻ تي به اتفاق ٿيو آهي.