ملير جا 20 قديم ڳوٺ خالي ڪرائڻ جا سانباها: 13150 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي رٿابندي

اپريل 22, 2024

ملير/ ڪراچي (نمائندن وٽان) ملير ضلعي جا 20 قديم ڳوٺ خالي ڪرائڻ جا سانباها: 3  ديهن جوريجي، ڪوٽيرڙو ۽ ڊانڊو ۾ واقع 13150 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي رٿابندي، ان ڏس ۾ سرڪاري ۽ آزاد ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ملير ضلعي ۾ واقع 20 قديم ڳوٺ دودو ڪبير محمد سالار، ڳوٺ وليداد سالار،ڳوٺ محمد خان سالار ،ڳوٺ منگھن جوکيو ،ڳوٺ سجاول جوکيو، ڳوٺ آدم سالار، ڳوٺ حاجي ڀائي خان سالار، ڳوٺ محمد مراد سالار، ڳوٺ دودو گهنور جوکيو،ڳوٺ ناٿو موسيٰ بلوچ،  ڳوٺ حاجي عيسب جوکيو، ڳوٺ محمد خان جوکيو، حاجي فتح محمد جوکيو، ڳوٺ محمد علي جوکيو مريداڻي،  ڳوٺ عبدالرحمان جوکيو  ،ڳوٺ ڪريم بخش جوکيو ، ڳوٺ حاجي احمد جوکيو،  ڳوٺ دينار جوکيو ڳوٺ مورو جوکيو مريداڻي ۽ ڳوٺ غلام فقير جوکيو خالي ڪرڻ جا سانباها شروع ٿي ويا آهن ، ذريعن موجب انتظاميا پاران 20 ڳوٺن جي رهواسين  کي 2 هفتن اندر لڏپلاڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جنهن سبب سوين ڳوٺاڻا پريشانين  جي ور چڙهي ويا آهن، ڄاڻايل ڳوٺن جي رهواسين جو چوڻ آهي ته اسان جا ڳوٺ 1987ع واري ڳوٺ آباد اسڪيم هيٺ رجسٽرڊ ٿيل آهي، جنهن جون سندون پڻ اسان وٽ آهي، اسان جي ڳوٺن سان گڏ 13180 ايڪڙ سروي زمين پڻ آهي، جنهن کي به الاٽ ڪرائڻ جا جتن ٿيندا  رهيا آهن، اسان ڳوٺ ۽ زمينون بچائڻ لاءِ سنڌ هاءِ  ڪورٽ ۾ سال 2019ع ۾ پٽيشن نمبر 2344 پڻ داخل ڪرائي هئي،   هوڏانهن يونين ڪائونسل گهگهر جي وائيس چيئرمين عبدالستار جوکيو ”پنهنجي اخبار“ کي ٻڌايو ته ديهه ڍانڍو جي14 هزار مان  10500  ايڪڙ ۽ ديهه ڪوٽيرڙو ۾ 2680 ايڪڙ زمين تي نشان لڳايا ويا آهن، جڏهن ته 20 ڳوٺن جي رهواسين کي گهرائي هڪ هفتي ۾ گهر خالي ڪرڻ لاءِ  چيو ويو آهي، اسان جو  ملير مان چونڊيل ايم اين اي ڄام عبدالڪريم سان انهي مامري تي رابطو ٿيو آهي، هن  يقين ڏياريو آهي ته وزيراعليٰ سنڌ سان ملير جا چونڊيل نمائندا جلد ملاقات ڪري قديم ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ وارو مامرو اٿارينداسين.ٻئي طرف پ پ   ايم پي اي محمد ساجد جوکيو چيو آهي ته ملير جي ديهه ڍانڍو ۽ ڪوٽيرڙو جي ڳوٺاڻن کان گهر خالي ڪرائڻ بابت ڄاڻ ملي آهي، ڳوٺاڻن کي زباني گهرائي چيو ويو آهي پر کين ڪو به نوٽيس ناهي ڏنو ويو، جڏهن ڳوٺاڻن کي ڪو نوٽيس ڏنو ويو ته اعليٰ قيادت سان ڳالهايو ويندو، هن چيو ته قديم ڳوٺ خالي ڪرائڻ وارو عمل ناانصافي هوندو، اهڙو فيصلو ڌرتي ڌڻين کي قبول نه هوندو.

Leave A Comment