سکر ۾ مال پڙي نه لڳي سگهي، ميئر ۽ ٽائون چيئرمين ۾ اختلاف، پ پ اڳواڻ آمهون سامهون

جُون 6, 2024

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ مال پڙي نه لڳي سگهي، پڙي لڳائڻ تان پ پ اڳواڻ آمهون سامهون، ميونسپل ميئر ۽ ٽائون ڪاميٽي نثار صديقي جو چيئرمين پنهنجي ماتحت مال پڙي لڳائڻ لاءِ سرگرم، ميونسپل 50 لک ۽ ٽائون چيئرمين 80 لکن ۾ ٺيڪو ڏيڻ لاءِ تيار، تفصيل موجب عيدالاضحيٰ ويجهو اچي وئي پر سکر ۾ مال پڙي نه لڳي سگهي، ذريعن موجب سکر ۾ مک مال پڙي لڳائڻ تان ميئر سکر ارسلان شيخ ٽائون ڪاميٽي نثار صديقي جو چيئرمين طارق چوهاڻ آمهون سامهون ٿي ويا آهن، ٻئي پ پ جا اڳواڻ ٺيڪو جاري ڪرڻ لاءِ سرگرميون مڪمل ڪري ورتيون آهن، مليل ڄاڻ موجب ميونسپل ڪارپوريشن مال پڙيءَ لاءِ 50 لک روپين ۾ ٺيڪو ڏيڻ جو چيو آهي، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي چيئرمين طارق چوهاڻ پاران ساڳيو ٺيڪو 80 لک روپين ۾ ٺيڪيدار علي رضا کي وڏي ٻولي ڏيڻ تي ڏئي ڇڏيو آهي، ميونسپل ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽائون چيئرمين پاران مال پڙي ٺيڪي جي حوالي سان کنيل قدم غيرقانوني آهن، قانون مطابق ميونسپل ڪارپوريشن مال پڙي جو ٺيڪو ڏيڻ جي حوالي سان مڪمل اختيار رکي ٿي، ٽائون ڪاميٽي نثار صديقي کان ٺيڪو وٺڻ جا خواهشمندن جو قدم غيرقانوني تصور ڪيو ويندو، رابطو ڪرڻ تي ٽائون نثار صديقي جي چيئرمين طارق حسين چوهاڻ ٻڌايو ته ٽائون انتظاميا قائدن ۽ ضابطن تحت ٽيڪسيشن برانچ ۾ کليل نيلامي جي سلسلي ۾ 2024ع جي مال پڙي جي اوپن نيلامي ڪئي، جنهن ۾ مختلف ماڻهن حصو ورتو، علي رضا سڀ کان وڌيڪ واڪ 80 لک 12 هزار ڏئي ٺيڪو پنهنجي نالي ڪيو، مال پڙي اسان جي ٽائون جي حدن ۾ اچڻ ۽ لوڪل گورنمينٽ ترميم ٿيل آئين موجب ان جي جاءِ تي مال پڙي لڳائڻ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ مطابق وصول ٿيندڙ ٽيڪس ٽائون جي اختيار ۾ اچي ٿو، جنهن لاءِ سمورا قانوني ۽ ڊپارٽمينٽل دستاويز موجود آهن، اسان جو ڪنهن سان ڪو به تڪرار ناهي.، ڊپٽي ڪمشنر سکر جو چوڻ آهي ته بنا اجازت جي ڪٿي به مال پڙي لڳڻ نه ڏني ويندي، بنا اجازت جي پڙي لڳائيندڙن کي گرفتار ڪري غير قانوني طور لڳايل پڙي کي سيل ڪيو ويندو.

Leave A Comment