غذائي کوٽ ڳڻتي جوڳو مسئلو آهي، ٻارن جي مستقبل کي محفوظ بڻائبو: مراد شاهه

مَي 4, 2024

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته غذائي کوٽ ڳڻتي جوڳو مسئلو آهي، سنڌ حڪومت ٻارن جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اسٽنٽنگ سميت هر قسم جي غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ لاءِ پرعزم آهي. مقامي هوٽل ۾ رٿابندي ۽ ترقياتي کاتي پاران ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان ”سنڌ ۾ اسٽنٽنگ ۽ غذائي کوٽ جي خاتمي بابت ملٽي سيڪٽرل اسٽريٽجي“ جي موضوع هيٺ ڪرايل ورڪشاپ کي خطاب ڪندي  هن چيو ته   2017 ۾ ورلڊ بينڪ جي مدد سان سنڌ حڪومت اسٽنٽنگ ۽ ٻين قسمن جي غذائي کوٽ کي گھٽائڻ لاءِ ملٽي سيڪٽرل اسٽريٽجي اختيار ڪئي. هن پروگرام ۾ لائيو اسٽاڪ، فشريز ۽ زراعت کاتا شامل ڪيا ويا.  هن وقت مختلف صحت جي سهولتن ( اسپتالن  ۾ آئوٽ پيشنٽ ٿراپيٽڪ پروگرام (او ٽي پي) سائيٽون آهن، جيڪي غذائيت جي کوٽ جو شڪار ٻارن لاءِ آهن. ان کانسواءِ غريب گھراڻن  خاص طور ڳورهارين ۽ کير پياريندڙ عورتن جي گهراڻن ۾ مختلف ڍور ورهايا ويا. سنڌ حڪومت ۽ سندس ترقياتي ڀائيوارن هن ڳڻتي جوڳي مسئلي کي موثر طريقي سان حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ھن چيو ته 2022ع ۾ سنڌ ۾ آيل مهاٻوڏ سنڌ جي عوام کي تباهه ڪيو. انهي آفت تعليم، صحت، زراعت ۽ جانورن سميت سماج جي هر شعبي کي متاثر ڪيو،  20 هزار اسڪول جزوي يا مڪمل طور تي تباهه ٿيا، سوين اسپتالون پاڻي ۾ ٻڏي ويون، مراد شاهه چيو ته غربت، آمدني ۽ سماجي تحفظ جو سڌو سنئون اثر 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي اسٽنٽنگ تي آهي.  سنڌ حڪومت سماجي تحفظ لاءِ الڳ کاتو قائم ڪري ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان سوشل سيڪيورٽي اسٽريٽجي يونٽ شروع ڪيو آهي، ڳورهارين ۽ ٿڃ پياريندڙ عورتن کي مناسب غذائيت فراهم ڪرڻ لاءِ ’1000 ڏينهن‘ جو صحت جو منصوبو شروع ڪيو آهي، جنهن سان نون ڄاول ٻارن ۾ غذائي کوٽ جا امڪان گهٽجي سگهن ٿا. انهي پروگرام کي ڪميونٽي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاء وڌيڪ ڪوريج ۽ شدت جي ضرورت آهي، وڏي وزير چيو ته اسٽنٽنگ هڪ سنگين مسئلو آهي، جنهن کي سنجيدگي سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسان رٿابندي کاتي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي آهي جنهن جو مقصد سمورن شعبن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري غذائي کوٽ جو خاتمو آڻڻ آهي.  اسان کي عالمي بينڪ ۽ ٻين ڊولپمينٽ پارٽنرز کان ٽيڪنيڪل سپورٽ جي ضرورت آهي ته جيئن اسٽنٽنگ جي گھڻ رخن سببن کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن جي صلاحيت کي وڌايو وڃي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت هر قسم جي غذائي کوٽ کان نجات حاصل ڪرڻ ۽ ٻارن جي مستقبل کي بچائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ لاءِ پرعزم آهي.

Leave A Comment