مان آءِ ايم ايف جا سهارا ڳولڻ وارو شخص نه آهيان، اسان ته آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چيو هو: نواز شريف
جُون 8, 2024
پي ٽي آءِ باني جيل ۾ ڀلي هڪ بدران 2 اي سيز لڳائي، انتقام ۾ يقين نه ٿو رکان، پي ٽي آءِ باني وزيراعظم طور آمريڪا ۾ وڃي چيو هو ته نواز شريف جي جيل ۾ لڳل اي سي لهرائيندس، مان آءِ ايم ايف جا سهارا ڳولڻ وارو شخص نه آهيان، اسان ته آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چيو هو، آءِ ايم ايف کي هي ماڻهو وٺي آيا، ٻيهر آءِ ايم ايف ڇو آيو؟ انهن جي شرطن تي غريب ماڻهو متاثر ڇو نه ٿيندا: نواز ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف جون سينيٽ جي پارلياماني ميمبرز سان گڏجاڻي ۽ هڪ اجلاس کي خطاب دوران ڳالهيون، سي ايم پنجاب مريم نواز جي صدارت هيٺ لائيو اسٽاڪ بابت اجلاس ۾ نوازشريف خصوصي طور شريڪ ٿيو، نواز شريف چيو ته جنگلا بس چوندڙ اربين روپيا کائي غائب ٿي ويا، پشاور ميٽرو بس ۾ گهوٻين جي انڪوائري به سامهون نه آندي وئي، پرويز مشرف ته هن دنيا مان هليو ويو، هن سان ڪهڙا ليکا ڪجن، ڪهڙو سبب هو جو مشرف حڪومت کي کڻي ٻاهر اڇلايو، ايٽمي بٽڻ دٻائڻ ۽ 6 ايٽمي ڌماڪا ڪندڙ وزيراعظم کي اهو صلو ڏنو ويو، قوم کي به ڀيٽ ڪرڻ گهرجي ته ڪير ڇا ڪري ويو، حق کي حق ۽ سچ کي سچ چوڻو پوندو، پاڪستان ۾ غريب جو جيئڻ مشڪل بڻايو ويو آهي، نه ماني موجود آهي ۽ نه وري ٻوڙ موجود آهي، بجلي ايڏي مهانگي ڪئي وئي آهي، مان ته گهر گهر بجلي پهچائڻ ويو هيس، شاهد خاقان بهادري سان جيل ڀوڳيو ۽ منهنجو ساٿ ڏنو، هاڻي مهانگائي گهٽجي رهي آهي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ بي مثال طور مٿي وڃي رهي آهي، شهباز شريف محنت ۽ خلوص سان ڪم پيو ڪري، مريم نواز کي به شاباش آهي، اٽي ۽ ڪڻڪ جون قيمتون نه وڌائڻ ۾ مريم نواز جو به ڪردار آهي